رات گُھلي آ ھير جيان
سارو من مُرڪي پيو آھي،
اڄ رات گُھلي آ ھير جيان.
ٿا ڇَڻ ڇَڻ ڪن سارا لمحا،
ڪنھجي پيرن جي پازيب جيان،
اڄ تارا ٿا اُڀ ۾ ڏسجن،
ڄڻ ڏيئن جي تصوير جيان.
تن من کي ويڙھي ويٺاھن،
اڄ خواب ھُيا زنجير جيان.
پيرن کي ٻَوڙي ويا پل ۾،
ڪينجھر جي ٿڌڙي ھير جيان.
سڀ ڪجھ دل کي محسوس ٿيو،
اڄ خواب ھيا تعبير جيان.
*