شڪايت
شڪايت رھي سدا سورن کان اسان کي،
دردن جا دل تي پر احسانَ گھڻا ھا.
ھن بس جيئڻ جي واٽَ انوکي ھئي ورتي،
جڳَ جا پَرَ ھن تي اِلزام گھڻا ھا.
ھُنَ شھر ۾ ھر ڪو ڏوھاري ته نه ھوندو،
نالي چڙھيا ڪجھ گھٽ پر بينام گھڻا ھا.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو