تنھنجي ڪَچي پڪي ڇت تي
تنھنجي ڪَچي پڪي ڇت تي،
اڄ به مينھن ڪجھ زور وٺو آ.
ھاڻي ڪجھ ته سھائڻ سک،
تو اڄ تائين کوڙ سٺو آ.
ھُن جون ماڙيون لکَ لھن ۽،
تَنَ تي تنھنجي ڪو نه لٽو آ.
پير پِٿون ٿيا آھن تنھنجا،
پنڌُ پرينءَ ڏانھن ڪونه کُٽو آ.
درد جا درياھ اُٿلي پيا ھن،
مينھن مَنھَه تي ڪونه وٺو آ.
تو سان ڇو ڪو نينھن ڳنڍ يندو،
ھر ڪنھن پنھنجو پاڻ مِٺو آ.
فريادي سي ٿي ويا آھن،
جن جن توکي پاڻ ڪُٺو آ.
*