وَقتَ جي وِيرَ اُٿي
وِيرَ اُٿي
وَقتَ جي وِيرَ اُٿي،
پيرن وٽ نئون پاڻي ھو،
پر آڱرين ۾ ھئي ساڳي مِٽيِ.
دل ۾ ھر ڳالھ لَٿيِ،
ھر ڳالھ ۾ ھم آھنگي ھئي،
پر سوچن ۾ ھئي ساڳي وِٿيِ.
مون چيو رات کُٽي،
رات چمڪي ھئي ھڪ پل،
ڏِئي کان ساٿ وٺي.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو