شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

او انيتا

او انيتا

سَنھڙي سُھڻي،
ڪپھ جي پوڻيِ،
او انيتا!
توکي جنھن جنھن،
ڄاتو ھوندو،
ڄاتو ۽ سُڃاتو ھوندو،
تَنھنجي دل کي،
موھيو ھوندو،
تنھنجي دل جي،
سونھن سڀيتا،
او انيتا!
توسان دل جا،
تار ڳنڍيل ھا،
ھر سا روڻي،
دل ۾ وسيل آ،
تيسين تائين،
دل ۾ رھنديءَ،
جيسين تائين،
آجا ٿيندا،
ھي ساھن جا،
جوڳي رَمتا،
او انيتا!