ھر پل قرضي رُوح جو آ
ھر پل قرضي رُوح جو آھي،
ڪنھن کان ڪھڙا حسابَ وٺجن.
جيئن گُذري ٿي گذرڻ ڏي تون،
ڇو دل ڏئي پوءِ عذاب وٺجن.
فيس بُڪ ۽ ٽُوئٽر جي دور ۾،
ڪھڙا ويھي ڪتاب وٺجن.
چئو ڙي قسمت ڇا پئي وڪڻين؟
تو کان ڪھڙا عَتابَ وٺجن.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو