مِٽيءَ ھاڻا پَنڌَ پُراڻا
پَنڌَ پُراڻا
راھه ۾ رُلجي ويندي دِلڙي،
پرديسين جا ڪونه ٺِڪاڻا.
مِٽيءَ ھاڻا پَنڌَ پُراڻا،
پرينءَ پُڄاڻان ڪيئن ڪبا؟
ڪنھن کان درد جو دارون وٺبو،
راھ ڊگھي ۽ ويڄ اياڻا.
موٽي ماڳ تي اچبو ھر ھر،
ڪيئن ته ڇڏبا ڪَکَ اباڻا.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو