شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

ڀرجي ايندا نيڻَ ڪنول

ڀرجي ايندا نيڻَ ڪنول

ڀرجي ايندا نيڻَ ڪنول،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو.

دل تي نه ھلندي ڪا جھل پل،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو.

وسري ويندي بعد ۾ ڀُلَ،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو.

دل ۾ ڏيندو نيھن اُڇَل،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو.

دل کي نه رھندي ڪائي ڪَل،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو.

ڪيئن وسرندي اُھا مھل،
ھُن جي ٿورو پيار ڏنو
*