خواب ھيا زنجير جيان
جون ايليا پنھنجي شاندار شعري مجموعي “شايد” جي شاندار پيش لفظ ۾ لکيو ھو ته “منھنجي ماحول ۾ شاعري پيغمبريءَ جو جُزو نه پر پوري پيغمبري مڃي ۽ سمجھي ويندي آھي.” جون جي خاندان ۾ ڪيترائي شاعر، اديب،فلسفي، آرٽسٽ ۽ سياسي ماڻھو ھئا ۽ مٿين ڳالھ مون کي ان وقت ياد آئي جڏھن مون کي تانيا ٿيٻو جي شاعري پڙھڻ لاءِ ملي. تانيا جو تعلق به اھڙي ئي خاندان سان آھي جتي شاعري، ادب، فلسفا، سياست ۽ آرٽ روزاني جي معمول ۾ ائين ڊسڪس ) ٿيندا آھن جيئن عام گھرن ۾ لٽن ڪپڙن، کاڌي پيتي، ٽي وي ڊرامن، فلمن ۽ موبائيلن جو ذڪر ٿيندو آھي. اھڙي ماحول ۾ ڀلا تانيا ڪيئن نه لکي ھا ذھين ٻارن جي ڳالھين جھڙيون ڪويتائون جيڪي وڏن جي وڏين ڳالھين ٻُڌڻ کان پوءِ لھجي ۾ پاڻھي شامل ٿي وينديون آھن. تانيا کي ادبي ماحول ضرور مليو پر پوءِ به ھن جو لھجو ۽ اسلوب پنھنجو آھي جنھن تي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جو اثر ناھي. اھا سندس اوريجنلٽي ئي سندس خوبي ۽ ڪاميابي آھي.
نه آھيون اسان
محبتن ۾ موٽ جا قائل
پيار پڙاڏو ته ناھي
جو موٽي ملي
(نظم پڙاڏو)
تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. تانيا ھڪ گھڻي پڙھيل، سمجھدار ۽ مھذب خاتون آھي ۽ اھي سڀ ڳالھيون ھن جي ڪويتائن مان ظاھر ٿين ٿيون.
ھن پرچڻ ۾ جو دير ڪئي
مون پرچائڻ ئي ڇڏي ڏنو.
ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين. مون کي ھن جي ڪويتائن ۾ اھي شخص/ ماڻھو به نظر آيا جيڪي ھن جي زندگيءَ سان سلھاڙيل رھيا آھن. اھي جن مان ھن پيار جي تمنا رکي پر اھي ھن کي ڪجھ به نه ڏئي سگھيا. تانيا جو ھي نظم ڏسو:
پيار گھڙيون چار
ڏئي ڪونه سگھين تون.
ھڪ ڳالھ پيار واري
چئي ڪونه سگھين تون.
يا ٻئي نظم ۾ ھوءَ چوي ٿي ته:
جن جون ڳالھيون وروڪڙ
جن جو ڳالھيون ڪوڙ جو گھر.
سي راھ ۾ رولڻ کان سواءِ
ٻيو ڇا ڪندا؟ ٻيو ڇا ڪندا؟
ان کان علاوه تانيا جون ھي سٽون:
وڇريا ويڙھيچا
ڪنھن کان ڪھڙا پنڌ پڇان؟
پڙھي مون کي سندس ماءُ ادي نسيم ٿيٻو ۽ ڀاڀي انيتا ياد اچي ويا ۽ اھي سٽون عام سٽون ھوندي به تمام گھريون محسوس ٿيڻ لڳيون. ڪيڏي نه سادگي ۽ گھرائي آھي انھن سٽن ۾!! انھن سٽن جي گھرائي اھو ئي ماڻھو محسوس ڪري سگھندو جنھن جي جيون جي ٽاريءَ تان ڪي ويجھا ماڻھو گلن وانگر ڇڻي، ڪِري، جدا ٿيا ھوندا.
تانيا جي گھڻي شاعري نثري نظم واري آھي ۽ ان صنف ۾ شاعر جو سڄو فوڪس خيال/سوچ تي ھوندو آھي. تانيا جو پڻ فوڪس خيال/سوچ تي آھي. ھن جا نظم اھڙي تصويرن جھڙا آھن جن ۾ ڪنھن خيال کي چِٽو (فوڪس) ڪيو ويو ھجي. ۽ باقي بيڪ گرائونڊ ڊي - فوڪس ھجي پر ڪجھ جڳھن تي ھن جي شاعريءَ ۾ ڪافي ترنم ۽ نغمگي پڻ آھي. تانيا جا ھي شعر ڪھڙا نه چڱا آھن:
سارو من مُرڪي پيو آھي،
اڄ رات گُھلي آ ھير جيان.
اڄ تارا ٿا اُڀ ۾ ڏسجن،
ڄڻ ڏيئن جي تصوير جيان.
تن من کي ويڙھي ويٺاھن،
اڄ خواب ھُيا زنجير جيان.
مان اميد ٿو ڪريان ته تانيا پنھنجو شاعراڻو سفر جاري رکندي ۽ اڳتي اڃا وڌيڪ مترنم شعر لکندي رھندي.
سنڌيءَ ۾ عورت شاعرائن اڪثر پنھنجو اظھار نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. انھن ۾ عطيه دائود، امر سنڌو، پشپا ولپ، شبنم گل، ملڪه، ميران ۽ ٻيون شامل آھن. عطيه دائود جي نظمن جو ته انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آھي. پر اسان وٽ ٿوريون ئي سھي پر اھڙيون شاعرائون به آھن جن پابند شاعري به ڪئي آھي. اھا ڪنھن به لحاظ کان مرد حضرات جي شاعريءَ کان گھٽ ڪونھي مريم مجيدي، سحر امداد،، نظير ناز روبينه ابڙو، رخسانه پريت، سيما عباسي ۽ ٻيون پابند شاعريءَ ۾ پاڻ مڃائي چڪيون آھن. انھن جي شاعريءَ ۾ پاڻ مڃائي چڪيون آھن. انھن جي شاعريءَ جون ڪجھ جھلڪيون توھان به ڏسو!
رت ٽمندو رھيو
لاٽ ٻرندي رھي
پير وڌندا رھيا
دڳ ڊھندا رھيا
واٽ ٺھندي وئي-
(سحر امداد)
مليو ھو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو سين
ھزارن جي ھجومن ۾
اوھان ڏي ئي نھاريو سين
گھڻي ويجھي ھئي لاحد
قدم اڳتي وڌايو سين
(روبينه ابڙو)
ڇو رڳو ماڻھو خودڪشي ڪن ٿا؟
درد ڇو خودڪشي ڪندو ناھي؟
“پريت” پاڻھي آ پيار ٿي ويندو،
ڪير ڪنھن کان پڇي ڪندو ناھي!
(رخسانا پريت)
تانيا نثري ۽ پابند ٻنھي صنفن ۾ شعر لکيا آھن ھن جي پابند شاعريءَ مان ھي سھڻيون سٽون ڏسو!
بس خاموشيءَ جي ٻولي ۾
ڇا ڇا ڪو سمجھائي ويو!!
“خاموشيءَ جي ٻولي” ڪھڙو نه خوبصورت استعار آھي! خاموشي جي ٻولي فقط اھي انسان سمجھي سگھندا آھن جن کي قدرت ڏات جو تحفوعطا ڪندي آھي. تانيا جو شمار به اھڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو جيڪي خاموشيءَ جي خوبصورت ٻولي ٻُڌي ۽ سمجھي سگھندا آھن. اھا ٻولي ٻڌڻ لاءِ ظاھري ڪَنَ ڪافي ناھن ۽ خوبصورتيءَ جو اصل جلوو پسڻ لاءِ ظاھري اکيون ڪافي ناھن، ان لاءِ لطيف سائين فرمايو آھي ته:
ھي ڪن ڏيئيِ گاڏھان، ٻيا ڪَنَ ڳنھيج
جنين ساڻ ٻُڌيج! پريان سندي ڳالھڙي
يا وري ھي بيت ڏسو:
ديک ته تون سيني تن، ھِي جي مجازياڻيون منھن ۾
ڪين سُڃاتو سُپرين، نھاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽيون.
ھن وقت ھي سٽون لکندي مون کي شيخ اياز جو اھو آزاد نظم ياد اچي رھيو آھي ته:
تون نه سِکِئين رابيل جي ٻولي،
۽ نه گلاب جا ٻولَ ئي ڄاڻين،
جو پٿر جي ڇاتيءَ ۾ آ،
درد انھيءَ کي تون نه سڃاڻين.
سو اھي سڀ ڳالھيون ياد ٿيون اچن تانيا جي شاعري پڙھي. اھا تانيا جيڪا خاموشيءَ جي ٻولي ٻڌي ٿي. ڏٺل جو نه آھي اُھو ڏسي ٿي ۽ اڻ ٻُڌل ۽ ان ڏٺل کي شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿي. شاعري جي سونھن انھيءَ ۾ آھي ته اھا بيان نه ڪندي به بيان ڪندي آھي نه چوندي به چوندي آھي ۽ نه ڳالھائيندي به ڄڻ ڳالھائيندي آھي. شاعري غير محسوساتي نموني ماڻھن کي محسوس ڪرائيندي آھي اھو سڀ ڪجھ جيڪو ظاھر نه آھي. اھا شاعريءَ جي ڪرامت آھي ته اھا نه چوندي به سڀ ڪجھ چئي ويندي آھي.
تانيا جو شعري مجموعو موجوده سنڌي شاعريءَ ۾، خاص طور تي عورتن جي شاعريءَ ۾ ھڪ سٺو اضافو آھي. ادبي حلقن کي ان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ کپي ۽ ھن جو آواز غور سان بُڌڻ گھرجي. مان غور سان وارا لفظ ان ڪري لکيا آھن ڇو ته ڪجھ سھڻا آواز ھلڪا ھوندا آھن. اھي واڪا ناھن ھوندا. انھن کي غور سان ئي ٻُڌبو آھي. تانيا جي
شاعريءَ جي سونھن به اھائي آھي ته اھا واڪو نه پر سُرٻاٽ آھي. اھڙو سُرٻاٽ جيڪو محبوب جي ڪنن ۾ ڪبو آھي.
[b]مسرور پيرزادو
28 سيپٽمبر 2016
ڪراچي
[/b]