شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

تنھنجي حساب ۾ آ

تنھنجي حساب ۾ آ

منھنجو نصيب رڙندو،
روئيندو ڇو رھي ٿو؟
جيڪا به آ حقيقت،
تنھنجي جواب ۾ آ.

ھِن جڳ ۾ ڪوبه سچي،
ڪونھي ڏٺو خوشيءَ ۾،
ڪيڏو به کڻي چھڪي،
ھر ڪو عذاب ۾ آ.

ڏکن جا گھاوءَ گھرا،
اوندھ جا بادلن تي پھرا،
جيڪو به پلهءُ پيو آ،
تنھنجي حساب ۾ آ.
*