ٿڌڙي اُتر ھير گھُلي پئي
آھي سانوڻ مينھن ۽ موجون،
دور اُفق تي کنوڻ کِلي پئي.
سمنڊ ڪِناري ڪير ٿو ساري،
ٿَڌڙي اُتر ھير گُھلي پئي.
آڳُرَ ۾ سڀ رنگَ لٿا ھِن،
۽ پاسي ۾ ڊيل ٽِلي پئي.
ڏيھُ سڄو اُتساھ ۾ آھي،
سَجني جو ساجن سان ملي پئي.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو