شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11211
  • 954
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

ايڏي ڇو

ايڏي ڇو
گجگوڙَ ڪرين ٿو؟

ايڏي ڇو گجگوڙَ ڪرين ٿو؟
جي ڪرڻي ئي ٿئي،
ته شينھن بڻجي نه،
مينھن بڻجي ڪر.
*