شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

اڄ جَڱَ کان خُلاصائي

اڄ جَڱَ کان خُلاصائي

اڄ جَڳَ کان خُلاصائي،
وڃي ھاڻ گھُرؤن ٿا.
ھِن درد کان پري،
ھا پري پاڻ ھلئون ٿا.
ھڏڪيون نه گھٽيئون ٿا،
ڳوڙھا نه اُگھئون ٿا.
ھن درد کان پري،
ھا پري پاڻ ھلئون ٿا.
جڳ تنھنجي مسيحائي کان،
معافي به گُھرئون ٿا.
ھِن درد کان پري،
ھا پري پاڻ ھلئون ٿا.
ھن ديس ۾ ڪو دارون ،
ملڻو به ڪڏھن آھي؟
پوءِ ڪئين مسيحا جي
پيا راھ ڏسئون ٿا.
ھِن درد کان پري،
ھا پري پاڻ ھلئون ٿا.
*