شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

شام سِتارا

شام سِتارا

ھيءَ شام سِتارا ٿي ويندي،
ڪي گيت پِيارا ٿي ويندي.

ھيءَ روح منھنجي ۾ رَچي رَچي،
ڪي ڏور نظارا ٿي ويندي.

ھيءَ مڌ بڻجي من ۾ لھندي،
۽ تن کي دور ڇڏي ويندي.

ھيءَ ڪويل وانگر ڪوڪ ڪري،
ڪي گيت ڇڏي اڏري ويندي.

ھيءَ شام سِتارا ٿي ويندي،
ڪي گيت پِيارا ٿي ويندي.
*