شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

موٽي اچ انھن موسمن جيان

موٽي اچ انھن موسمن جيان

موٽي اچ انھن موسمن جيان،
جيڪي وڃي موٽي اينديون آھن.
انھن وِيرُن جيان،
جيڪي ساحل کان دُور وڃي،
وري موٽي اينديون آھن.

ان چنڊ ۽ سج جيان،
جيڪي اڌ ڏينھن جي دُوري کان پوءِ،
وري ورندا آھن.

موٽي اچ انھن ڳوڙھن جيان،
جيڪي ڇپرن جي چانئٺ کان لھي،
وري موٽي ايندا آھن.

موٽي اچ انھن لمحن جيان،
جيڪي يادون بڻجي،
وري موٽي ايندا آھن.