شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

ڀِنَل بَرسات ۾ ڀيرا

ڀِنَل بَرسات ۾ ڀيرا

ڀِنَل بَرسات ۾ ڀيرا،
ھوائن جا عقابَن سان،
محبت جا جَفائن سان،
وَري ھِن ساٿَ ھي ڪھڙا؟
ڳنڍيا ھن ڇو وري ھِنَ دل؟
نوان رشتا عذابن سان.
ھي رشتو ڪنھن نه سوچيو ھو،
وڃي مِلندو عَتابن سان.
لَنگھيِ پرڀات وئي ڪنھن پَل،
نڪوريِ نَئين ادائن سان.
ذھن ڪچا ۽ ڪورا بي اثر،
رھندا ھميشه لا۽،
نه ڪڙھندا جي ڪتابن سان.
ڀِنلَ برسات ۾ ڀيرا،
وري ھِن ساٿ ھي ڪھڙا؟
*