پاڻي
ھن ڀيري ساوڻ ڄمي وسيو آ،
ھا پوءِ ٻوڏ ته اچڻي آ.
سڀ ڪجھ وھندي اسان ڏٺو آ،
ھاڻي ته سِر تائين پاڻي آ.
سوڪھڙو آيو ٻوڏون آيون،
ليڪن اھڙيون ڪڏھن نه آيون،
جھڙيون ھاڻي آيون آھن،
ايترو پاڻي ڪيئن برسي پيو،
درياھ کي حيراني آ.
سُڪل ٽُڪرا رُکي ماني،
وِيا ڪَل اکڙين ۾ حيراني
سُڪل چَپَن تي خاموشي ۽،
اکڙين ۾ بس پاڻي آ،
ڪيئن گڏيءَ جو گھر نه بڻجي،
ٽُٽَل گھر جيِ ڪچيِ ڇِتِ تي،
ڄَميِ وَسيو پاڻي آ.
ھِنن اَکڙين ڇا نه ڏٺو آ،
ڇو انھن ۾ حيراني آ؟
پنھنجن کي ڀي لَڄَ نه آئي،
پاڻي ته وري به پاڻي آ.
سِر تي ڇَتِ جھڙوئي ڪجھ ھو،
پر اھا ڳالھ پراڻي آ،
پيرن جي ھيٺيان ڌرتي ھئي،
ھاڻي پاڻي پاڻي آ.
*