ڏُور اَنڌيارا ڪارا بادل
ڏُور انڌيارا ڪارا بادل،
جَھر جَھر وَسيِ به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
ڪير آ ڪارن نيڻن ويڙھيل،
سُندر سپنن لِڪل لِڪايل،
سڀ اسان کان پڇي به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
نيڻ وھن نيسارا بڻجي،
دل بڻجي وئي آليون ڪاٺيون،
چَپ اسان جا ٻري به پوندا،
تون جي نه ايندين،
رُسي به پوندا.
*