توسان دل جي ڳالھ
ھن سان دل جي ڳالھ ڪري پڇتايو آھي،
جنھن جو مَن منھنجو ھوندي به پرايو آھي.
ھا به نه آھي نه به نه آھي پوءِ به ھو منھنجو آھي،
ھُن ۾ ھي ويساھ پوءِ ته سجايو آھي.
.
در در ڀٽڪي جَڳَ سان اٽڪي چؤ ڇا ملندئي،
ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان جھڙو اَجايو آھي.
ھو ئي ھٿ مان واريءَ وانگر تِرڪيو آھي،
دل ته ھن کي ڪونه ڪڏھن به وِڃايو آھي؟
جي در کڙڪي ھيءَ دل ڌڙڪي ان پل ڇو ٿي،
سَنجھا ويلي ساجن شايد آيو آھي.
اَڙي رُسا مان جڳ کان ڪھڙا رسون ٿا ان کان،
تو مون کي جنھن ٺاھيو آھي.
*