۽ مان شاعري
منھنجي نظر ۾ شاعري ادب جي صِنفِ نازڪ آ. جيڪا اسان کي اندر جي احساسن جي دنيا ۾ ھٿ پڪڙي وٺي وڃي ٿي ۽ چوي ٿي ته ڪنھن شئي کي ھيڏي ھوڏي ناھي ڪرڻو احساس پوپٽن جيان ھوندا آھن جي انھن کي پڪڙڻ يا قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اھي بي رنگ ۽ بي لباس ٿي ويندا، مري ويندا گُلن جي پنکڙين جيان ڇڻي پوندا سرءُ ۾ پنن جيان ٽارين تان ۽ ٻيو ڪجھ به نه ته رنگَ ھٿن تي ڇڏي اُڏامي ويندا. احساسن جي دنيا اھا دنيا آھي جيڪا شيشي جي ديوارن اندر قيد آھي. شاعري اسان کي ان دنيا جو ديدار ڪرائي ٿي.
.جڏھن مان سمجھ ڀري ٿيس ته مون پنھنجي گھر ۾ ڪتابن ۽ رسالن جا انبار ڏٺا جيڪي امان جا ورتل ۽ گڏ ڪيل ھئا. ھڪ طرف انھن ۾ سمورو رشين ڪلاسڪ ادب ھيو ته ٻئي طرف سمورو سنڌي ادب. انھي ڪري مون ننڍي ھوندي ٻين ٻارن وانگر ٻارن جون ڪھاڻيون پڙھڻ جي بدران دوستووسڪي ۽ ٽالسٽائي جا ناول، چيخوف ۽ پُشڪن جون ڪھاڻيون ۽ پُشڪن جي رومانوي شاعري پڙھي. ٻئي طرف ان دور جي مشھور سنڌي رسالي سُھڻي ۾ مشھور سنڌي ليکڪن نسيم احمد کرل، نورالھدى شاھ، امر جليل، مھتاب مھبوب، علي بابا، آغا سليم کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين اديبن، اديبائن جون ڪھاڻيون به مون ننڍي ھوندي ئي پڙھي ڇڏيون ھيون. مان ۽ منھنجي ڀيڻ انيتا سھڻي رسالي جا سڀ شمارا پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين پڙھندا ھئا سين. ايتري اَدبي ماحول ۾ رھندي دل ۽ ذھن تي ان ادب جو ديرو ٿيندو ويو جيڪو اندر جي احساسن ۽ معاشري جي خوبصورت عڪاسي ھيو. وقت سان گڏ ذھن ۾ اھڙا اڻمِٽ چِٽَ ٺھندا ويا جن اڳتي ھلي ڪڏھن خوابن جو روپ ڌاريو ته ڪڏھن خواھشن جو ۽ ڪڏھن ڪھاڻي ته ڪڏھن شاعريءَ جو.
ڳالھيون يادون بڻجي وينديون،
۽ پو۽ خوابن ۾ ڀي اينديون.
ٻار ننڍي ھوندي نرسري رائمس ۽ پرين جي ڪھاڻين مان اظھار جا ذريعا سکندو آھي پر مون اھي معياري ادب جي ڪھاڻين ۽ شاعريءَ کان سکيا. ننڍڙيون ننڍڙيون ڪھاڙيون، ڊراما لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ ڊائري لکڻ معمول بڻجي ويو. ھڪ طرف ھيا ادب جا اھي شاھڪار ۽ ٻئي طرف ھيا امان جي پسند جي تمام مَڌُر ۽ معياري خوبصورت گانن جا سُرَ ۽ انھي سان گڏ ھئي ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري. امان پراڻن انڊين گانن کي بيحد پسند ڪندي ھئي اسان جي گھر ۾ ھر پراڻو انڊين گانو ھوندو ۽ ٻڌ بو ھُيو. امان کي لتا، آشا، ڪشور ڪمار، محمد رفيع، گيتا دت، ثُريا جا گانا بيحد پسند ھيا ان دور جو ڪو به گانو ڪونھي جيڪو اسان جو نه ٻُڌل ھجي.
امان اڪثر انھن بيحد خوبصورت گانن کي پنھنجي سريلي آواز ۾ پئي ڳائيندي ۽ جھونگاريندي ھئي. امان مونکي اڪثر چوندي ھئي ته مون ته ڪڏھن شاعري ناھي ڪئي توکي شاعري جي ڏات تنھنجي پيءُ مان آئي آھي. لکڻ جو اھو سلسلو طويل عرصي تائين ھلندو رھيو پر پوءِ جڏھن مونکي مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ته اھو سلسلو ٽُٽُي ويو اليڪٽرانڪ انجينيئرنگ جي چار سال پڙھائي ان کان پوءِ ذري گھٽ ھڪ ڏھائي جي ٽيچنگ دوران لکڻ پڙھڻ جو سلسلو اسائنمينٽس لکڻ ۽ ليڪچر تائين محدود ٿي ويو جنھن جو ادب سان پري پري تائين ڪو به واسطو نه ھو.
جئين پکي وري نِما شام جو پنھنجي آکيرن ڏانھن موٽندا آھن تيئن مان به ڪيترن ئي سالن جي وِٿيَ کان پوءِ پنھنجي اصل آستان ڏانھن موٽي آيس. ۽ ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي پھرين پيار يعني لکڻ ۽ پڙھڻ سان جُٽجي ويس. شاعري احساسن ۽ جذبن جي غير شعوري ترجمانيءَ جو نالو آھي. جيئن خوابن ۾ ربط گھٽ ھوندو آھي. تيئن شاعري به گرامر جي اصولن ۾ ائين جڪڙيل نه ھوندي آھي جيئن عام رواجي ڳالھائي ويندڙ ٻولي. چوندا آھن موسيقي روح جي غذا ھوندي آھي. پر شاعري اسان جي روح جي عڪاس ۽ اسان جي اندر جو آئينو ھوندي آھي. منھنجي لاشعور ۾ جيڪو ڪجھ ھيو ۽ آھي اھو ڪجھ خوابن کي مليو ته ڪجھ شاعريءَ کي.
اسان جي زندگيءَ ۾ امان جي رئي جي جھلمل ڇانو ھئي جيڪا ڪئي پوپٽن جي رنگن سان چٽيل، ڪئي گلن جي خوشبو ۾ واسيل ھئي. امان جيڪا دنيا اسان کي ٺاھي ڏني ھئي اھا احساسن جي دنيا ھئي رنگن ۽ سنگيت جي دنيا ھئي جتي منھنجي سماعتن، گيتن جي صورت ۾ احساسن جا اھڙا جلترنگ وڄندي ٻڌا جو منھنجي اندر ۾ به لفظ جاڳي پيا ۽ شاعري جو روپ ڌاري منھنجي لاءِ منھنجي اندر جو آئينو بڻيا.
سڄي عمر مان ھڪ رستي جي ڳولھا ۾ رھيم ۽ اھا ڳولھا منزل جي نه پر صحيح رستي جي ڳولھا ھئي. ڇو ته منزل جي ڳولھا تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن رستو صحيح ھجي.
وڃ چارڻ چنگ کي چوري چؤ،
۽ ڳالھ سموري کولي چؤ.
تون نڪتو آھين ڳولھا ۾،
ان رستي جي جو ڪنھن نه ڏٺو.
ھِن چارڻ وانگر مان ان رستي جي ڳولھا ۾ رھي آھيان جيڪو منھنجو پنھنجو ھجي.
۽ مون سفر شروع ڪيو ھوا جي زور کان پيچرا پڇڻ جو.
ڪنھن سڌي رستي سان منزل،
ناھ ملندي او چري.
اڄ ھوا جي زور کان تون،
سڀ پڇي ڇڏ پيچرا.
مون احساسن کي لفظ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته ھر احساس ضد ڪيو ته ھن کي به لفظ ڏنا وڃن. مون امان جي آخري گھڙيءَ تائين ڏٺل تڪليفن کي ھن نظم جي صورت ۾ لکيو:
اڄ جَڳَ کان خُلاصائي،
وڃي ھاڻ گھُرؤن ٿا.
ھِن درد کان پري ھا پري،
پاڻ ھلئون ٿا.
منھنجو ننڍپڻ جنھن دور ۾ گذريو اھو دور انقلابن جي جستجو ۽ بغاوتن جو دور ھو جيتوڻيڪ مان عملي طور تي انھي رستي جي مسافر نه ھيم پر منھنجي اندر ۾ به
“باطل جا بُت ” ڊاھڻ جي جستجو ھئي انھي ڪري ئي مون پنھنجي ھڪ نظم ۾ لکيو آھي.
ٻيو سڀ ڪجھ ٻين جھڙو آھي،
خواب اسان جا باغي آھن.
پر ڪڏھن ڪڏھن صرف خوابن ۾ ئي نه پر عمل ۾ به بغاوت اچي ويندي آھي ان جو ٿورو اظھار مون شاعري جي مروج گھاڙيٽن کي نظر انداز ڪري ڪيو آھي ۽ پنھنجي لفظن کي اھو روپ ڏنو آھي جيڪو ھنن گھريو آھي، ڪنھن گھاڙيٽي جي پابنديءَ کان سواءِ. منھنجي احساس ۾ وزن ھوندو ته اھو شعر ۽ بحر کي پاڻھي شڪل ڏيندو. برسات جي ان پاڻي وانگر جيڪو پيچرن تي صرف ھلندو ئي ناھي پر پاڻ به پيچرا ٺاھيندو آھي.
مون وٽ خيال کي، سوچ کي مقدص ۽ انفرادي حيثيت حاصل آھي. احساس جون پنھنجون گھرجون ۽ گھاڙيٽا به ھوندا آھن مان ائين نٿي چوان ته غزل، وايون نه لکجن گيت ۽ بيت نه لکجن ۽ گھاڙيٽن جي خوبصورتي جو فائدو نه وٺجي پر نواڻ ۽ جدت جي، نوان رستا ٺاھڻ جي، نئين واٽ وٺڻ جي ھڪ پنھنجي خوبصورتي آھي. گھاڙيٽا منھنجي شاعري ۾به آھن پرشايد انھن کي ڪو نانءُ ڪونھي. ۽ اھي ان انتظار ۾ آھن ته امداد حسيني جھڙا عظيم شاعر ۽ شاعري جا عظيم نقادَ انھن کي ڪو نانءُ ڏين.
زندگي ۾ ڪيئي ڪمين جي باوجود اھا خوبصورت گزري، ۽ گزري رھي آھي. منھنجي شاعريءَ ۾ به ان ڪري خوشي ۽ غم ٻنھي جاعڪس ۽ اولڙا آھن. ڪيترائي اھڙا شعر آھن جن ۾ ڄڻ ته مان پنھنجي ڳالھ ڪري رھي آھيان پر اھا صرف منھنجي ڳالھ ڪونھي.
لئه، سُر تال ۽ خيال مون وٽ وڏي اھميت رکن ٿا ۽ منھنجي شاعري به انھن عنصرن جو امتزاج آھي. مونکي خوامخواھ جي تُڪبندي پسند ڪونھي ان ڪري جيترو ٿي سگھيو آھي مون انھي کان پاسو ڪيو آھي.
تعريف ۽ تشريح اھو فريم آھي جيڪو شاعريءَ جي تصوير جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندو آھي. منھنجي شاعري به ان تعريف ۽ تشريح جي اڃان تائين متلاشي آھي ۽ ھميشه رھندي.
ٻين سڀني شين جيان شاعريءَ ڏانھن به مان امان جي ذريعي روشناس ٿيس. امان کي شاھ ڀٽائيءَ جي شاعري ڏاڍي وڻندي ھئي ۽ ھن کي شاھ جا ڪيترائي بيت ياد ھيا. جن ڪتابن جومون ذڪر ڪيو آھي انھن ڪتابن ۾ ھڪ ڪتاب شاھ جو رسالو به ھيو. امان کي شاھ جي رومانوي، انقلابي ۽ اتساھيندڙ شاعري بيحد پسند ھئي.
امان جي ڪجھ ڪھاڻين جا ٽائيٽل به شاھ جي شاعريءَ مان کنيل آھي جيئن “اُڀر چنڊ پس پرين”
مون ننڍي ھوندي لاشعوري ۽ غير محسوس طريقي سان انھن شين کي پنھنجي ذات جو حصو بڻايوجيڪي منھنجي گھر جي ماحول ۾ رچيل بسيل ھيون ۽ ان کان پوءِ شعوري طور تي انھن شين کي محسوس ڪيو ۽ اندر ۾ اوتيو. ۽ پوءِ آھستي آھستي منھنجي ماحول ۾ رچيل بسيل شاعري ۽ سنگيت منھنجي شاعريءَ جو روپ ڌاري ظاھر ٿيون.
ڏور انڌيارا ڪارا بادل منھنجي ان دور جو لکيل نظم آھي جيڪو ان دور ۾ Voices group جي خوبصورت آواز واري ڳائڻي شاھد ڀٽو ڳايو به ھيو.
عشق، مزاحمت ۽ انقلاب شاعريءَ جا پسنديده موضوع رھيا آھن. ھر شاعر انھن کي پنھنجي پنھنجي اصلوب ۽ انداز سان پيش ڪيو آھي ۽ ان ۾ شاھ ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي ڪومات نه ٿو ڏئي سگھي.
جَرِ تَڙِ تِکَ تَوارَ، وَڻ ٽِڻ وائي ھيڪڙي
سَڀئيِ شيءَ ٿئا، سُورِيءَ سَزاوار
ھَمهَ مَنصورَ ھزارَ، ڪھڙا چاڙ ھئو چاڙھئين.
۽ شيخ اياز جو ھي شعر
“انڌو اُڀُ، انڌاري ڌرتِي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽَ اسان،
لِيئا لِيئا لاٽَ اسان،
چوڌاري چمڪاٽَ اسان!”
مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري کانسواءِ ٻنھي شاعرن جي رومانوي شاعري به بيحد خوبصورت ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ آھي.
“رات آئي وئِي، تون نه آئين ڪَھِي!
ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رئندي رَھي.”
شيخ اياز جي رومانوي شاعري ايتري ته خوبصورت آھي جو جنھن عشق نه به ڪيو ھوندو ته ان جي به دل چوندي ته ھو انھن احساسن جي بلندين کي ڇُھي جيڪي صرف عشق ۾ ئي ممڪن آھن.
“جنھن وقت ھَوا جي جھُلڪي ۾
ڪو گيتُ ٻُڌين،
مان توسان ھان!”
مان دور سَھي پَر ايندو ھَان
ڪا ريکا دور دنڌ لڪي ۾،
جنھن وقت ڏسين
مان توسان ھان
مون به عشق جي احساسن ۽ لمس کي شاعري جي پيراءِ ۾ لاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پيار سان لاڳاپيل ڪيئي جذبا ۽ احساس آھن جيڪي ھر رومينٽڪ شاعر جي شاعري جو موضوع رھيا آھن. نا اميدي، اوسيئڙو، بي اعتباري انھن احساسن مان ڪجھ احساس آھن.
پڪ نه آ ھو موٽي ايندو
پوءِ به دل کي اوسيئڙو آ
گيڙو رتڙا ڪپڙا پائي
رُليو گھٽين ۾ اڄ جيئڙو آ.
اعجاز منگي مشھور سنڌي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي مجموعي “قدم کان عدم” تائين جي مھاڳ ۾ لکيو آھي:
“اھو به ھڪ عظيم الميو آھي” ته محبت جي سموري سنسار کي پنھنجي بي انتھا باريڪين سان سمجھندڙ عورتن شاعري طرف ڌيان نه ڌريو. شايد ان جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته عورتن سدائين اھو سمجھو ته محبت سمجھڻ يا سمجھائڻ جي ڳالھ ته آھي ڪونه! اھا ته ڪرڻ جي شئي آھي....... اھو سوچي عورتن محبت ڪئي شاعري نه ڪئي!
اھآ ڳالھ به ٿي سگھي ٿي پر منھنجي خيال ۾ عورتن شاعري ان ڪري به گھٽ ڪئي آھي جو شاعري ڪھاڻين ۽ ٻئي ادب جي نسبت اندر جي اڌمن ۽ احساسن جو سِڌو سَنون اظھار ھوندي آھي ۽ اسان جي پدرانه معاشري ۾ عورتن کي ھميشه سڌي اڻ سڌي طرح پنھنجي احساسن کي لڪائڻ جي تربيت ۽ تنبيھ ڪئي ويندي آھي. شاعري ته گھڻي ڀاڱي ھڪ مڪالمو آھي جيڪو سنئو سِڌو اندر جي آواز بڻجي نڪرندو آھي ۽ سماعتن جا اھي رستا ڳولھيندو آھي جيڪي دل جي دنيا ۾ کٽندا ھجن.
منھنجي لاءءِ به اھو مشڪل رھيو آھي ته پنھنجي اندر جي انھن احساسن کي شاعري جو روپ ڏيان جن جو پيار سان ڪو تعلق ھجي پر پوءِ به مون به اھڙن احساسن تي شاعري ڪئي آھي. ھوئن به پيار ھڪ بين الااقوامي فنومِنن آھي.
اڄ اماوس رات آ
۽ پريئن جو گھر پري آ
عڪس ڏسبو آسمان ۾
جي پريئن جو گھر پري آ.
ڪٿي ڪٿي پيار ۾ انڪار تي بي باڪ اظھار به آھي.
پيار گھڙيون چار،
ڏئي ڪونه سگھين تون.
ھڪ ڳالھ پيار واري،
ڪري ڪونه سگھي تون.
ھجتون ۽ ڏوراپا به پيار جو لازم حصو آھن ان ڪري ئي منھنجي شاعريءَ ۾ به ڪٿي حُجتون آھن ته ڪٿي ڏوراپا:
ڄاڻَ پِرھ جو باکَ ڦُٽي آ،
ڏس تو ڪيڏي دير ڪئي آ.
ھڪ ٻئي شعر ۾ حجت ڀريو طنز به آھي:
او وَڻَ ويڙھيِ،
تنھنجي ڪھڙي،
ڳالھ ٻُڌي آ ھُنَ
تخليق جي ڏيھ ۾ سڀ کان وڏي تخليق خود ھن ڪائنات ۽ پوءِ انسان جي تخليق آھي ۽ ھڪ تخليقڪار کي ڪائنات جي ڪينوس جي ھڪ سڀ کان خوبصورت چتر يعني ڌرتي ۽ قدرت جي گھڙيل ٻين خوبصورتين سان پيار نه ھجي اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ۽ ان ڪري منھنجي شاعري ۾ توھان کي قدرت جي ساراھ جا ڪيئي عڪس ملندا.
جاڳي پئُه جيئڙا،
ساوڻ ۽ سيئڙا.
روز روز ته نه ايندا.
مستي ۽ مينھڙا،
روز روز ته نه ايندا.
ڪيترا ئي دفعا ائين ٿيو ھوندو ته دل اڏرڻ چاھيو ھوندو ڪڏھن دنيا کان ۽ پنھنجي پيارن کان پري ته ڪڏھن پنھجو پاڻ کان ته ان وقت شيخ ايازجو ھي بيحد خوبصورت شعر ضرور ياد ايندو آھي.
پونءِ نه ايندي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ،
الا مان اڏري ويندو سانءِ!
انھي احساس کي مون شعر جو روپ ڪجھ ھيئن ڏنو آھي
پَنک پکيڙي اُڏريو پنڇيِ،
منھنجي دل ھِرکائي ويو.
شاعريءَ کي لئه ترنم ۽ تڪ بندي خوبصورت بڻائيندي آھي پر ڪڏھن ڪڏھن خيال جو اظھار ئي ڪافي ھوندو آھي جيئن:
تنھنجي اکين ۾،
نظر اچن ٿيون.
اھي ساريون ڳالھيون،
جيڪي ڪڏھن صرف،
زماني ۾ ھيون.
تشبيھون ۽ استعارا شعرن جي ٽُڪ ۾ ٽانڪجي بيحد خوبصورت لڳندا آھن ۽ مون به انھن کي ڪيترن ئي شعرن ۾ استعمال ڪيو آھي.
رات گُھلي آ ھير جيان
يا جيئن:
رُسڻ به ڄڻ ڪا راند ھجي جو،
روز رُسي ۽ پرچي ٿي دل.
ھڪ ٻئي شعر ۾:
تنھنجيون اکڙيون نِيل ڪَمل،
منھنجيون اکڙيون نيسارا.
يا وري:
شام سنگي ھئي سرتي ھئي ھمراز ھئي
جڏھن تڙَ تي نه تماچي ھجي، نه گندريءَ گزار ھجن ۽ ڪينجھر جا ڪِنارا به اسارا اسارا ھجن ته شاعري ڪنھن ڏئي جي جوت جيان اندر جي اونداھ کي روشنيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندي آھي. شاعري ھڪ اھڙو گلاب آھي جنھن سان من مھڪي پوندو آھي. گداز لمحا، ڌنڌليل عَڪسَ، غير محسوس احساسَ، لاشعور جي پاتار ۾ ڪنول جيان ترندڙ سوچون جڏھن شاعريءَ جو روپ ڌاري اينديون آھن ته من بي اختيار چئي پوندو آھي.
اوءِ گجري گجر، پير ھوريان ته ڌر!
ھاءِ گھاگھر نه ڇلڪي پوي!
شيخ اياز ڀؤنرُ ڀِري آڪاس جي پيش لفظ ۾ لکيو آھي ته “فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مونکي شاھ جي سٽ، 'ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس'، ياد پوندي آھي ھر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري ماضيءَ، ۽ اُن فني تخليقات، روايات ۽ فلسفئه حيات جون جڙون آھن، جي ھن جي شاعريءَ جي نشونما ڪري، ان کي شگفته ڪنول جو رنگ روپ ڏين ٿيون ۽ ھن جي فن ۽ فڪر جيِ انفراديت ڀنور جيئن ڀرندي، آڪاش ۾ اُڏامندي ٿي رھي، جڏھن 'ٻنھي سندي ڳالھڙي' راس ٿي اچي، تڏھن ھڪ فني شھپارو تخليق ٿي ٿو. منھنجو ڪلام انھيءَ معيار تي ڪيستائين پورو آھي، ان جو منصف مان ته يقيناً نه آھيان، پر شايد اوھان به نه ٿي سگھو. منھنجي اَنانيت ۽ حد کان زيادھ خود اعتمادي جا گھڻو ڪري ھر فن ڪار ۾ ھوندي آھي ۽ پنھنجيءَ تخليق لاءِ بي انتھا محبت منھنجي صحيح اندازي جي راھ ۾ ضرور حائل ٿيندي ۽ شايد اوھان جي دؤر جا توھمات فن ۽ زندگي جو مانوس تخيل ۽ پنھنجي ھمعصر جي فن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان لاءَ تحسين جي اظھار ڪرڻ کان فطري گھبراھٽ، اوھان جي صحيح جائزي ۽ نتيجي تي اثر انداز ٿين. نه فقط منھنجي تخليق جو، پر ھر فنڪار جي تخليق جو منصف فقط وقت آھي.....”
آخري ۾ مان صرف اھو چوندم ته منھنجو ھي شاعريءَ جو مجموعو سنڌي شاعري پڙھندڙن لاءِ ھڪ ڀيٽا آھي ۽ ساڳي وقت سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا منھنجي مادري ٻولي به آھي ان سان پيار جي اظھار جو ھڪ روپ آھي جي اُھا پڙھندڙن کي پسند آئي ته پوءِ:
تون جي ايندين ميت، ته ھي سنگيت امر ٿي ويندي،
مون ٻاري جا جوت، انھيءَ جي جيت امر ٿي ويندي،
پر جي کاڌم مات، الا او مات
ته منھنجي ماتِ امر ٿي ويندي
سنڌي شاعريءَ ۾ مون جيڪو حصو وڌو آھي ان ۾ ھار ۽ جيت ۽ مات جو ڪو سوال ڪونھي پر جي ٿي ته اُھا ماتِ به امر ھوندي.
[b]
تانيا ٿيٻو
2-11-2016
ڪراچي
[/b]