شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

راز دل جا

راز دل جا

مون ھميشه راز دل جا دل ۾ ئي سانڍيا ھئا،
شاعريءَ ٽي چار کوليا پوءِ ته بس کُلندا ويا.

مون ھميشه ڪي بھانا زندگي گھارڻ جا چاھيا،
منھنجي دل ٽي چار ڳولھيا پوءِ ته بس ملندا ويا.

مون ھميشه ڪي بھانا تو تائين رسڻ جا چاھيا،
زندگيءَ ٽي چار ڳولھيا پوءِ ته بس ملندا ويا.

مون ھميشه ساز دل جا اڻ ڇھيل سانڍيا ھئا،
پيار تنھنجي تار ڇيڙيا پوءِ ته بس وڄندا ويا.
*