بَڙَ جي گھاٽيِ ڇانوَ
بابا رانديڪا نه کپن،
بَڙَ جي گھاٽيِ ڇانوَ وٺي ڏي.
ننڍپڻ مونکان کسي ڇڏيو تو،
ان جو ڪو پَڙلاؤ وٺي ڏي.
بابا رانديڪا نه کپن،
بَڙَ جيِ گھاٽيِ ڇانوَ وٺي ڏي.
آيل ھنج ۾ خوب سُمھاريو،
پنھنجو ڪو به ڇُھاءُ وٺي ڏي.
بابا رانديڪا نه کپن،
بَڙَ جيِ گھاٽيِ ڇانوَ وٺي ڏي.
جنھن سان سڀ احساسَ فنا ٿين،
اھڙو ڪو اُڌماءُ وٺي ڏي.
بابا رانديڪا نه کپن،
بَڙَ جيِ گھاٽيِ ڇانوَ وٺي ڏي.
تنھنجا جيڪي گھاءَ ڏِنل ھِن،
تن تي ڪو پڇتاءَ وٺي ڏي.
بابا رانديڪا نه کپن،
بَڙَ جيِ گھاٽيِ ڇانوَ وٺي ڏي.
دِل تان سڀ ڪجھ ريٽي سگھجي،
اھڙو ڪو احساس وٺي ڏي.
بابا رانديڪا نه کپن،
بڙ جي گهاٽي ڇانوءَ وٺي ڏي!
*