شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

جي تُون خوابن ۾ اچين ھان

جي تُون
خوابن ۾ اچين ھان

تنھنجي اکڙين مان،
مُرڪَ چورائي وٺان ھان،
جي تُون خوابن ۾ اچين ھان.

تنھنجي ڳالھين مان،
ٽھڪ چورائي وٺان ھان،
جي تون خوابن ۾اچين ھان.

سارو رستو انتَ تائين،
توسان گڏجي مان ھلان ھان،
جي تون مون کان ڀي پُڇي ھان.

درد تنھنجا سڀ ونڊيان ھان،
ڳوڙھا اکڙين مان اُگھان ھان،
جي تون ٿورو ئي ڪُڇين ھان .

تنھنجي جيون کي پرين،
سچ ته مھڪائي ڇڏيان ھان،
جي تون ٿورو ئي ملين ھا.
*