واھڻ ۽ وسڪارا
واھڻ ۽ وسڪارا،
گيتَ پِرھ جا پيارا،
اکڙين بَندَ ٽُٽي پيا آھن،
ڪيئن نه وھن نيسارا.
اڄ موسم ڀي موجَ ۾ آھي،
۽ سنڌو ڀي اوجَ ۾ آھي
اچ ته ٻڌؤن پنگھٽ جي پاسي،
گيت پکين جا پيارا.
ڪَڪَرَ مينھن بن رھي نه سگھندا،
پکي نينھن بن رھي نه سگھندا،
جي ڪونه ھوندن پنھنجي پلئهُ ۾،
وٺندا ڪنھن کان نيھن اڌارا.
دور افق ۾ رنگ به سرجيا،
آسمان ۾ بادل گَرجيا،
يا پئي وڳا يڪتارا.
اکڙين بند ٽٽي پيا آھن،
ڪيئن نه وھن نيسارا.
*