رُت آئي ڳاڙھن ٻيرن جي
رُت آئي ڳاڙھن ٻيرن جي،
۽ مٽيءَ ھاڻن پيرن جي.
اڄ واھن ڏانھن وسڪاري ۾،
رُت آئي سئو سئو ڀيرن جي.
تن جي دل ھِرکي پئي آھي،
جيڪي اچڻا وڃڻا ڪونه ھيا،
پوءِ ڳالھ ڪجي ڇا ھيرَن جي.
ھاڻي چنڊ چڪور جي ڳالھ ڇڏي،
ڪر ڳالھ ستايل ڳيرن جي.
*
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو