شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

دل ۾ صحرا به آ دريا به آ

دل ۾ صحرا به آ دريا به آ

دل ۾ صحرا به آ درياءُ به آ،
چئه تون ڪاڏي ويندين؟

دل ۾ ھلچل به آ ٺھراءُ به آ،
چئه تون ڪنھن جي ٻڌندين؟

دل ۾ احساس به آ ارمان به آ،
چئه تون ڪنھن تي ھلندين؟

دل ۾ ھِڪَ سانت به آ شور به آ،
چئه تون ڪنھن جي ٻڌندين؟

دل ۾ منصف به آ مجرم به آ،
چئه تون ڪنھن جي مڃندين؟
*