تنھنجي ڀِي حال مان
تنھنجي ڀِي حال مان لڳي ٿو تون،
پنھنجي ئي حال کان غافل آھين.
پنھنجي ڀي دل کان پُڇي ڏس ٿورو،
ڪنھن کي تُون ڪيترو حاصل آھين؟
جنھن کي ڪنھن تي رحم نه ايندو آ،
تُون به ڇا بي رحم سا دل آھين؟
وڃ وڃي ڏس ته ٿورو مقتل ۾،
ڪنھن جو تُون ڪنھن گھڙي قاتل آھين.
سَچَ ۽ حق جي جنگ ڪنھن سان وڙھون،
تون ئي حق تون ئي ته باطل آھين.
جي ٿڪاسين تو وٽ رھي پونداسين،
تون سفر تون ئي ته منزل آھين.
*