شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

عاجز کان ارڏي تائين

عاجز کان ارڏي تائين

گھڻو وقت اڳ هوچي منھ چيو هو ته ”پنهنجي شاعري ۽ فن ۾ بارود ڀري غلامي جي آزاديءَ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪريو“
مون سنڌي زبان جي قديم ۽ جديد شاعري گھڻو ڪري پڙهي آهي. انهيءَ سموريءَ شاعري ۾ جيڪب آباد ضلع جو شاعر ارڏو اترادي ئي هڪڙو ۽ اڪيلو شاعر نظر آيو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ رڳو باردو ۽ بم آهن. باقي نزاڪت نفاست، حسن، ڪڪيل ٻانهون، اوڄاڳيل اکيون، ماڪ ڀنل مکين جا چپ، پرھ جي هير جهڙي مرڪ ٿڌي ۽ اجري ارڏي جي شاعريءَ ۾ بنھ گھٽ آهي. گھٽ ۾ گھٽ ان شاعري ۾ جيڪا مون ٻڌي آهي ڇوته سندس شاعري ڇپي به گھٽ آهي.
ارڏي جو واسطو، جيئن ته جيڪب آباد ضلع سان آهي انهيءَ ضلع جي هر رهاڪو جي هٿ ۾ هروقت بارود رهندو آهي پر اهو بارود هو پنهنجن جي ئي خلاف استعمال ڪندو آهي. ارڏي جي هٿ ۾ پڻ ڪلاشنڪوف هوندي آهي جنهن ۾ هر وقت بارود ڀريل هوندو آهي، پر اهو بارود هو جيڪب آباد ضلع جي روايت خلاف پنهنجن جي بدران ڌارين ۽ سنڌ دشمنن جي خلاف استعمال ڪندو آهي. ارڏي جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف جو پڙهي اوهان حيرت ۾ هرگز نه پئجو، ته هي ماڻهون جنهنجو بُت ڪمند جي ڪاني کان به سنهون ۽ وزن ۾ ڪچي جي هنداڻي کان به هلڪو سومڙس صفا ڪو خونخوار، قاتل، ۽ رحيم منگورو هوندو ۽ هر وقت بندوق سندس ڪلهي ۾ لٽڪيل هوندي رهندي. ائين هرگز نه آهي. پر هو ڪلاشنڪوف سڏيندو آهي سندس ڊائري کي جنهن ۾ سندس شاعري لکيل هوندي آهي ۽ سندس دوست ۽ مداح مونکان ويندي ڊاڪٽر مهرچند ۽ ولي سهرياڻي تائين سندس ان ڪلاشنڪوف جي سلامتي جي دعا گھرندا رهندا آهيون ڇوته افغان ڀڳوڙن جي ذريعي جيڪا ڪلاشن سنڌ ۾ پهتي آهي سا جيڪڏهن گم ٿئي ته ٻي مسواڙ تي به ملي سگھي ٿي پر ارڏي جي ڪلاشنڪوف وڃائجي ويئي ته اهڙي شيءَ سنڌ کي ورلي مشڪل ملي.
ارڏي جو پهريون تخلص عاجز هو، ۽ هو مذهبي شاعري ڪندو هو مفتي محمود جو پوئلڳ هو. پوءِ جڏهن وهاب جي ليڪچرن جا هٿوڙا سندس دماغ ۾ لڳا (مونکي حيرت آهي ته هي ماڻهو اهي هٿوڙا برداشت ڪيئن ڪري سگھيو) ته عاجز مان ڦري ارڏو ٿيو ۽ جي ايم سيد جو نه رڳو فڪري پوئلڳ ٿيو پر انتهائي عقيدتمند بنجي ويو. عاجز کان ارڏي ٿيڻ واري سفر ۾ هن کي ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا هوندا، ڪيترا بت ڊاهڻا پيا هوندا ۽ پنهنجي شاعريءَ جي سانچي ۾ تبديليون ڪرڻيون پيون هونديون، آئون سمجھان ته سندس انهيءَ سفر دماغ جي مِک ڳاري ڇڏي هوندي پر پوءِ به هو هر روز سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بارود سان ڀريل نئين، اهڙي چٽي ۽ صاف قومي شاعري ڪندو اچي ٿو جهڙي ڪڏهن سنڌ جي سرزمين تي مخلص، بلبل ۽ حڪيم نظاماڻي ڪندا هُئا.
هن جو چوڻ آهي ته اسين لاشاري آهيون ۽ رند ۽ لاشاري جي جنگ ۾ سنڌ جي عظيم حڪمران لاشارين جو طرف ورتو هو. جيتوڻيڪ سندس مدد وقت تي پهچي نه سگھي هئي پوءَ به اسان سڀ ڄام نندي ۽ ان جي سرزمين (جيڪا اسانجي ماءُ آهي) جي احسان جي بار هيٺيان دٻيل آهيون ۽ آئون پنهنجي طرفان پوري وس ۽ وت سان ڪوشش پيو ڪريان ته ڄام جي ڌرتي وري آزاديءَ جا چانڊاڻا ۽ مانڊاڻ ڏسي ان لاءِ آئون سيد جو پوئلڳ ٿيو آهيان.
آئون ذاتي طرح خوشقسمت آهيان ته مونکي ارڏي جهڙا موتين جهڙا ساٿي مليا آهن ۽ جيئي سنڌ تحريڪ وڏي ڀاڳوان آهي جو انکي اهڙا سرويچ ورڪر ۽ شاعر مليا آهن جيڪي پنهنجو پورو فن ۽ ڏات تحريڪ لاءِ وقف ڪريو جدوجهد ڪندا رهن ٿا.

جتا شال جيئو، جيئو ۽ جاڙون ڪريو

عبدالواحد آريسر
16 مئي 1887ع