اتحاد
اتحاد ڪرڻ گھرجي سنڌوءَ جي پيارن کي
تڏهن ته وڃي رسيو سنڌوءَ جي ڪنارن کي
پرکڻ لاءِ سڏيو هاڻي سنڌوءَ جي ستارن کي
ٻيڙن ڏي ڏسو ڇو ٿا
ترهن تي ترڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
پنجاب کان گاڏين تي سيلاب آيو سنڌ ۾
بيهار گٽر وارو ڏس آب آيو سنڌ ۾
ڄڻ ملڪي وزيرن لئه شراب آيو سنڌ ۾
نڪ ٻوڙي ڍڪڻ ۾ اڄ
اهڙن کي ٻڏڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
رڳو جيل ۾ ڇو آهن؟ هي سنڌي سياستدان
ڇو ڌارين لئه کليل آ؟ سياست جو ميدان
ڪيستائين ٿيندين؟ تون دوزخ جو ٻلدان
هت پارٽيون سڀ ڊاهي
هڪڙي سان هڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
پاڻيءَ جي مسئلي تي پنجابي آهن
دهريا ۽ ملان گڏجي هي ڊيم پيا ٺاهن
هت پاڻ ۾ ٻه ڀائر ٺهيا به ڪڏهن ناهن
ارمان اهو آهي
ڪُجھ ڌيان ڌرڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
سنڌ اندر جڏهن سؤ سياسي ٽولا ٿيا
هي ديس وڃائي پوءِ مقدر ۾ رولا ٿيا
قابض تڏهن کان انگريز ۽ ڀولا ٿيا
سؤ سال غلاميءَ کان
هڪ ڏينهن مرڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
هڪ ٻئي سان وڙهو ڇو ٿا اي سنڌي شاگردؤ
تنهنجو هٿ توکان پيو ڌاريو وڍائي ٿو
هي چال پراڻي آ ويڙهائي راڄ ڪيو
پاڻ ۾ سڀ هڪ ٿي
ڌارين کي ڌڪڻ گھرجي
اتحاد ڪرڻ گھرجي
ڌارين جا سنڌڙي تي ميل هزارين ٿيا
آواز اٿاريا سون ته جيل هزارين ٿيا
تڏهن مون ڏٺا هتڙي ڌاڙيل هزارين ٿيا
ان وقت چيو ”ارڏي“
پنهنجو نه ڦرڻ گھرجي
اتحاد ٿيڻ گھرجي