شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

باغي ٿيان ٿو

باغي ٿيان ٿو

هٿن ۾ ڪڙيون، زبان تي تالا
اشارا ڏيندي کڻان ٿو تالا
اسانجا دشمن اسانجا ويري
حق کٿيءَ سان ڏين ٿا ڦيري
ساڊا تواڊا اچن ٿا چوري
سڀئي گڏجي ڪريون ڍيري
اشارا سمجھو، اشارا ڄاڻو
پنهنجا پراوا سڀئي سڃاڻو
چارڻ ٿي سرندو وڄائيان ٿو
ٻيهر ٻيجل کي ٻاڏائيان ٿو

اسان لئه ڦاهي ۽ جيل آهي
اسان لئه هردم اويل آهي
قلم تي لاڳو قلم ڏسين ٿو
چپي چپي تي ٿاڻن تي ٿاڻا
گھرايا دشمن اسان لئه گھاڻا
صرف انهيءَ لئه قبوليو بيعت
ساڳي حسينيت ساڳي يزيديت
اها نه بيعت قبوليان ٿو
باغي ٿيان ٿو، باغي ٿيان ٿ.

اچو ته ٻيون ۽ ٻارا ڇڏيائون
اچو ته پنهنجا پيارا ڇڏيائون
مڇي به مرڪز وارا کڻي ويا
ساري ڪمائي ڪارا کڻي ويا
گڊو ڪالوني ڏهرڪي اندر
انهن کي ڪيئي ٺهي مليا گھر
اسان ته گھر هوندي آهيون بي گھر
ڌڪا ۽ ٿاٻا اسانکي در در
انهيءَ لئه تن کي نه چاهيان ٿو
دوکي ديوار ڊاهيان ٿو

نسورو ناحق اسان سان آهي
شل نه هتڙي ڪو حق ٻڌائي
اسانجي ٻولي سمجھن نه ڪارا
سي_آءِ_ڊي پنهنجا ڪرن ٿيا پيارا
ٿين وڃي ڀل اهي سوڀارا
اسانجا ظاهر اٿيئي نعرا
اسان ته پنهنجن کي چاهيون ٿا
اسان ته ڌاريا ڀڄائيون ٿا
پنهنجن کي سڀ ڪُجھ سمجھائيان ٿو
انهيءَ لئه هي شعر ٺاهيان ٿو

اسانجا ڊاڪٽر پيا نهارن
اسانجا انجنيئر گھر گذارن
اسانجي مزدور کي رلائين
مشينون پنهنجون پيا هلائن
ڪٿان جا ڌاريا اچي ٿا ڪاهن
حقن جي خاطر رڙي رڙي
ملي ٿي آخر ۾ هٿ ڪڙي
انهيءَ لئه ”ارڏو“ سڏائيان ٿو
ازل جو ناتو نڀايان ٿو.