شاعري
جنگ جو اعلان
ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
- 5.0/5.0
- 4618
- 1008
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت پاران :سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن. عبد الواحد آريسر لکي ٿو:
”مون سنڌي زبان جي قديم ۽ جديد شاعري گھڻو ڪري پڙهي آهي. انهيءَ سموريءَ شاعري ۾ جيڪب آباد ضلع جو شاعر ارڏو اترادي ئي هڪڙو ۽ اڪيلو شاعر نظر آيو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ رڳو باردو ۽ بم آهن. باقي نزاڪت نفاست، حسن، ڪڪيل ٻانهون، اوڄاڳيل اکيو ن، ماڪ ڀنل مکين جا چپ، پرھ جي هير جهڙي مرڪ، ٿڌي ۽ اجري ارڏي جي شاعريءَ ۾ بنھ گھٽ آهي. گھٽ ۾ گھٽ ان شاعري ۾ جيڪا مون ٻڌي آهي ڇوته سندس شاعري ڇپي به گھٽ آهي.“
هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن جيئي سنڌ محاذ پاران 1988ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٿورائتا آهيون محترم ارڏي اتراديءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ ارڏو اترادي
- ڇپيو ويو 1988
- ڇپائيندڙ جيئي سنڌ محاذ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 07/Jun/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1008 ڀيرا