فڪرِ سيد
هي ثناگر شاھ سنائي جي ثنا ڪهڙي ڪري
بس پکي ٿي چهنب هڪڙي ڄڻ سمنڊ مان ويو ڀري.
تاريخ 17 جنوريءَ تي هر سنڌي سن ڏي وري
پنهنجي رهبر کي ڏسندي سنڌين جي دل ٺري
جن مڃيو اي ايم.ازم هڪ پل نه رهيا سي پري
ان کي سنڌي آئون نه سڏيان جنهن جي جي.ايم ري سري.
مان نه آهيان شخصيت پرست، آ سنڌ ڌرتيءَ جو قسم
پر سٺا جن_جن ستم، تن ڏي ڏسي لکيم نظم
ڪي قيد ٿيا ڪي گھاڻي پيڙيا، سر ٿيا ڪن جا قلم
سي ئي سڀئي هڪڙي طرف ۽ ٻي طرف جي.ايم ازم
اڄ ٿڌي سيني ادا هي ڌيان ڪو ويهي ڌري،
اهڙو رهبر ٻيو ڪوئي ٿو ذهن تنهنجي ۾ ڦِري؟؟
جيئن عنايت، شاھ ڀٽائي ۽ سچل ساميءَ چيو حق
تيئن چيو جي.ايم سائين آ، پوءِ ڇا جو وهم شڪ
سنڌ کي اڪثر ڏسان ٿو گور پرستيءَ ۾ غرق
جيئري ويجھو ٿورا ماڻهو قبر جي ويجھو خلق
ساٿيو هي حال ڏسندي روز شب دلڙي ڳري
جلد ڪريون عزم پورو، قوم جو ڏيئو ٻري
سنڌ ڌرتيءَ جا سچا ٿي فڪرِ سيد ڳولهيون
جي ايم سائين جي ڏسن تي راھ گڏجي ڳوليون
سنڌ کي آزاد ڪريون، ڀل لڳن سئو گوليون
پاڻ ۾ گڏجي هلون ۽ ڪيئن ٺاهيون ٽوليون
صاف آهي سنڌ سيد، سنڌين کان سر گھري
هر سنڌي ”ارڏو“ ٿي ان جي فڪر تي جيئي مري.
***