سنڌي سي. آءِ. ڊي
جيئن چپ چوريان، لکي وٺ لکي وٺ
ڏاڍيان يا هوريان، لکي وٺ لکي وٺ
اي سنڌي سي.آءِ ڊي ڪرين ٿو ته ڏاڍي
ڪهڙي ڳالھ توريان، لکي وٺ لکي وٺ
ڪنهن کان لڪايان، ڪنهن کي لکايان
ڪنهن سان حال اوريان، لکي وٺ لکي وٺ..
ساڳي قوم تنهنجي، ساڳي قوم منهنجي
فقط سر مان گھوريان، لکي وٺ لکي وٺ..
جي ايم نظربند، ان سان سڄي سنڌ
اڃا ڪنڌ نه ڪوريان، لکي وٺ لکي وٺ..
ڇڏي نوڪري هي، اڇل ٽوڪري هي
اڃا ڀتر ڀوريان، لکي وٺ لکي وٺ..
آزاديءَ جي خاطر، وڃي آءُ گھر گھر
اهو چنگ چوريان، لکي وٺ لکي وٺ..
مان ”ارڏو“ سڏايان، ٿو توکي ٻڌايان
ويٺو باھ سوريان، لکي وٺ لکي وٺ..