حسيني
ظالم ۽ مظلوم گڏجي نه رهندا
جڏهن ظلم ٿيندا تڏهن عَلَمَ کڻندا
سدا حق خاطر هو وڙهيا ۽ وڙهندا
حسيني ڏيندا سر نڪي هٿ ڏيندا
حسينين جو جيڪو طرفدار آهي
اهو منهنجو سائين ۽ مهندار آهي.
حسينين جي تاريخ کي ڏس ورائي
منصور، سرمد ويا سر ڦرائي
عنايت جي سر کي مغل ٿو گھُرائي
بلاول کي ارغون گھاڻي پيڙائي
حق ساڻ باطل جو تڪرار آهي
اهڙن جي بيعت کان انڪار آهي
وڌي ويا وڌي ويا يزيدن جا ٽولا
ڪرن ٿا حسينين جي هرجاءِ ڳولا
گھمن ڳوٺ واهڻ سدائين ٿا ڀولا
وسائن ٿا معصوم ٻچڙن تي گولا
مفتي ۽ حاڪم جي تلوار آهي.
گڏيل حسينين مٿان وار آهي.
رڳو ڪين ماتم ڪري ويھ سائين
يزيدن سان ڀريل آهي ڏيھ سائين
تکي ڪات کي ڏي اڃا ريھ سائين
متان خيال کي ڪو ڏئين ٺيھ سائين
عاجز جو ”ارڏائي“ اظهار آهي،
ڏسان ڪنهن کي انڪار اقرار آهي.