عام ڏٺا مون
ڪي ڪي قبح و شام ڏٺا مون
ڪن ڪن جا پيغام ڏٺا مون
جن وٽ خوف ۽ لالچ ٻيئي
تن وٽ ويندي عام ڏٺا مون
جن وٽ پيار امن جو پاڇو
تن تي سؤ الزام ڏٺا مون
جن به ورتو ڏاڍ جو پاسو
خيال انهن جا خام ڏٺا مون
جن به هتڙي حق چيو آ
ناحق سي بدنام ڏٺا مون
جن به پنهنجا پاڻ ٿي ماريا
تن جا ننگ نيلام ڏٺا مون
جن به ڪا تاريخ وساري
نيچ ۽ شودر نام ڏٺا مون
جن به ديس کي دان ڏنو آ
ڄمندي سي ئي ڄام ڏٺا مون
جن قومن جا ”ارڏا“ جاڳيا
ڪڏهن سي نه غلام ڏٺا مون.
*** ختم ٿيو **