شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

ٽربيونل

ٽربيونل

راجا ڏاهر کان اڄ تائين سينگاريل هي سوري آهي
سنڌي قوم جي اڳيان سور کيل رهيو معمولي آهي
سنڌڙيءَ جي تاريخ چوي ٿي ڪيئي ڌاريا ويا ۽ ويندا
ٽوڙي ڦاٽڪ جهڙا واقعا ڪيئي ٿيا ۽ ڪيئي ٿيندا
آئون اهوئي هوشو آهيان آئون اهو ئي هيمون آهيان
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

عرب ويا ارغون ويا، ترخان ويا ۽ مغل ويا
انگريز ويا ۽ هي به ويندا هُل هنگامان ڄاڻ ٿيا
مون توپ تلوارون گھاڻا ٿاڻا ڦٽڪا ڪوڙا خوب سٺا
هي ڳالھ نئين ڪا مون لئه ناهين هردم ڪوڙا ڪوٽ ڊٺا
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون ساڳيو نعرو پيوورجايان
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

ون يونٽ ۽ ٻوليءَ واريون توکي گوليون ياد ڏياريان
خون سنديون هي ٽوڙي ڦاٽڪ واريون ڇوليون ياد ڏياريان،
لاکا ڳوٺ تي بمباري ٿي سنڌوءَ سارو رت وهايو
پاپي ٿيا پنجابي هردم سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو
ٽربيونل جا جج ٻڌي ڇڏ آءٌ اصل ڏوهاري ناهيان
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان

روز اچن ٿا ريل ڀري اڄ پنجابي هن سنڌ اندر
روز بِهاري ۽ افغاني ڪوس ڪرائن ٿا گھر گھر
هرشيءِ تي هو قبضو ڪندي بک اسانکي مارن ٿا
آزادي ٿا چاهيون تڏهن جيل سوين ڏيکارن ٿا
انهيءَ خاطر ڌار رهڻ لئه هاڻ پاڪستان ٿو ڊاهيان
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان

گورا ويا ۽ ڪارا آهن سنڌين مٿان مارا آهن
اهي وارا ڍارا آهن، سنڌڙي ”ارڏا“ سارا آهن
سر جو سانگ نه سارينداسون ٻارڻ جاري ٻارينداسون
دنيا کي ڏيکارينداسون، دشمن پنهنجو مارينداسون
جيئي سنڌ جو جوڌو آهيان، سنڌو ديشي ٿو ڳالهايان
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.