ڪونه کپي ٿو
ڪونه کپي ٿو ڪونه کپي ٿو، پاڻ کي پاپي پاڪستان
سنڌي دوڍن کان ٿيو آهي آزاديءَ جو هي اعلان
ڪن تي ڪات وهايو ويو آ
ڪن کي ديس ڇڏايو ويو آ
مردن کي ڪي هندو ساڙن
زنده هت جلايو ويو آ
پوءِ به هتڙي پاڻ کي سمجھن ماڻهو ماري مسلمان
ڪونه کپي ٿو......
نياڻيون سياڻيون روئي ويٺيون
ممتا کان هٿ ڌوئي ويٺيون
مارن خاطر هي ٿر ڄايون
سانڊن ڦاٽل لويون ويٺيون
مارن تي مردود شڪاري هاءِ هلايو تير ڪمان
ڪونه کپي ٿو.....
ڪي ديس ڇڏي پرديس لڏي ويا
نياڻيون سياڻيون هت ڇڏي ويا
هڏڪين ۾ به اکڙيون ڦيري
ڀينر پنهنجا ڀاءُ سڏي ويا
ملڪ ٺهڻ سان گھر ڊهي پيا وستيون ٿيون ويران،
ڪونه کپي ٿو...........
قومن جو قتل عام ڏسي
خوني خوني جام ڏسي
انصاف جو هتڙي نام نه آ
رشوت خوري عام ڏسي
فردن کان وڌ قومن سان ٿيو دوکو ۽ دهمان
ڪونه کپي ٿو...........
سچو ماڻهو جيل ۾ گھاري
ڪوڙو ماڻهو خوش گذاري
ٽي قومون ٿيون بک مرن
هڪڙي قوم ٿي سون ٻهاري
گھر ڌڻي ٿيو بي گھر هاڻي مالڪ ٿيو مهمان
ڪونه کپي ٿو...........
هيڏا هاڃا هيڏا سور
ڦٽ ڦري هي ٿيا ناسور
روز ڪسڻ جي ڪار هتي
ڪير ڳڻي هت ڏوھ قصور
روز ٿئي ٿو ”ارڏو“ سنڌي گوليءَ جو ته نشان
ڪونه کپي ٿو...........