چوسٽا
(1)
ڪنهنکي پنهنجي کان، ڪنهنکي ڌارئي کان شڪايت
ڪنهنکي ٿي ٻڏڻ وقت ڪناري کان شڪايت
جا قوم نه پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻي
مونکي آهي ان قوم جي ستاري کان شڪايت
(2)
قوم جا ڪونڌر ڪيئي آيا، آهن، ايندا پيا،
لعل پيدا قوم ۾ ٿيا، آهن، ٿيندا پيا،
اي قوم جا دشمن هلائيندين ڪيترن تي گوليون
ديس جا دودا سوين، ڄايا، آهن، ڄمندا پيا.
(3)
اديب انقلابي ٿي ته انکي اديب سڏيان
جي_ايم سائينءَ کي سنڌ جو حبيب طبيب سڏيان
ارڏا سنڌي ٿين هاڻي بنگالي،
وڙهي جو قوم لئه مري، تنهنکي مجيب سڏيان
(4)
سؤ دفعا منهنجو سلام تن شهيدن کي سدا
قوم جي حقن خاطر سر ڪيا جن جن فدا
ان مزارن جي مٽي ارڏا اٿئي خاڪ شفا
جن کان توکي پي ملي نياءُ آزادي ادا
(5)
فرد سان محبت ڪرڻ جو هي زمانو ناهِ يار
عام لئه آ شعر منهنجو هڪ نشانو ناهِ يار
هاڻي عاجز ٿيءُ ”ارڏو“ لھ اچي ميدان ۾
قوم سان محبت ڪرڻ ڪو فسانو ناهِ يار
(6)
هڪڙي گوليءَ جي اڳيان دشمن سڀئي بيهارجن
غير ۽ غدار سڀ گڏ انهيءَ دم مارجن
جيئن نه پوءِ هي قوم انهن جا ڪنڊا ويهي ڪڍي
وڙهجي ”ارڏا“ هڪڙو ڀيرو پرڪي ٻارڻ ٻارجن
(7)
زندگيءَ ۾ تنهنجي ڪمن سان وڏو اختلاف آ
تون آهين موقع پرست، مان آهيان تنهنجي خلاف
تون لڪائين حق کي پر مان ڪندس ظاهر ضرور
ڍير مٽيءَ تان لاهيندس تنهنجا ڪوڙا سڀ غلاف
(8)
پاڪستان جي ڏينهن تي مٺايون ۽ ترانا
اقبال جي ڏينهن تي غزل، گيت، گانا
ڀٽائيءَ تنهنجي ڏينهن تي موڪل نه ڪا وائي
واڪا ڪندي ”ارڏا“ ٿيا ڪيئي زمانا
(9)
(1983 سال لاءِ)
هن سال لاءِ چون ٿا ته اردو جو سال چئجي
چئني ٻولين جو شايد هاڻي زوال چئجي
صدين جي ٻولي کان ڪلھ واري معتبر ٿي
جنهن ٻولين جو ”ارڏا“ هٿ جو رومال چئجي
(10)
سنڌي اهڙي وائي ٿي
سنڌ سدائين سائي ٿي
آءٌ پڪاريان حيدر حيدر
ساڻي شاھ سنائي ٿي
(11)
هي ملڪ پاڪستان اٿئي
هت ڪوڙ، ٺڳي دهمان اٿئي
هت قوم سڄي قتلام اٿئي
هت سياست سڀ بدنام اٿئي