شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

بحث نه آ

بحث نه آ

ڪو بحث نه آ، تڪرار نه آ، ڪا جيت نه آ، ڪا هار نه آ.
هت هرڪو آهي خطري ۾، اقرار آهي انڪار نه آ

هت مير آحن، هت پير آهن، هت سڀ جا سڀ اسير آهن
هت دليون سڀ دلگير آهن، هت هرڪوئي لاچار نه آ..؟

هت ٽڪا ٽوپي پائي ويو، هت اصغر ٻول ٻڌائي ويو
هت هرڪوئي ويڙهائي ويو، سڀ سمجھون ٿا ڪو ٻار نه آ

هت پاڻ ۾ ڪو اتحاد ڪيون، هت ڌارئي کي ڇو ياد ڪيون
هت ديس پنهنجو آزاد ڪيون، ڇا سڀني لاءِ آزار نه آ..؟

هت قيدي هرهڪ فرد آهي، هت باندي عورت مرد آهي
هت هيڏو قومي درد آهي، ڇا هر سنڌي بيدار نه آ؟؟

نه صبوح آهي نه شام آهي، نه خاص آهي نه عام آهي،
هت هر سنڌي غلام آهي، هت سنڌي خودمختيار نه آ.

هت جڏهن ڌاريو آيو آ، تنهن ڪيڏو قهر مچايو آ
هن ڪيئن ملڪ بڻايو آ، ڇا دوکي جي ديوار نه آ؟؟

هت دشمن پنهنجو غير آهي، ۽ ان سان پنهنجو وير آهي
هر سنڌيءَ سان انڌير آهي، هت روز نئين ڦر مار نه ؟؟

جي سنڌي آن تان ”ارڏو“ ٿيءُ ، گوريلو ٿي مر ۽ جيءُ
آ پيارا جام شهادت پيءُ، پوءِ تو جهڙو ڪو يار نه آ..