شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

ديش جو نعرو

ديش جو نعرو
(1)
تون ڪمائين تون ئي کائين
تون جي محلاتون اڏائين
تون اگر سنڌي سڏائين
تون اگر ٻولي ٻڌائين
تون اگر ڌاريا ڀڄائين
اچ اچي وارو وڄاءِ
سنڌ ڌرتيءَ سان نڀاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ.

(2)
ڇو ٻين جا گھر ڀرين
ڇو ٻلڙ گوهيون ڪرين
ڇو منافق ٿي مرين
ڇو اڃا ٻڏين ترين
ڇو ٿو ڳڻتين ۾ ڳرين
ڇو نه آزادي گھرين
فڪر سيد جو سڻاءِ
هي وڃي کولي ٻڌاءِ
ديش جونعرو لڳاءِ

(3)
غير جو هتڙي اچڻ
هر وسيلي کي کسڻ
ڪارخانن جو هڻڻ
مزدور هاريءَ کي ڪهڻ
مال ميڙي گھر نيڻ
ديس واسين کي ڦرڻ
مڙس ٿي ان کي ڀڄاءِ
پنهنجي ڌرتيءَ کي بچاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ

(4)
هت مسئلا ڪونه کڻ
هت مسئلن جو آ ڌڻ
ڪالھ سنڌوءَ جو وهڻ
اڄ سنڌوءَ جو سُڪڻ
زور سان پاڻي جھلڻ
ان داڻي لاءِ سڪڻ
ڪين ڪر تون هاءِ هاءِ
ڪين ٻچڙن کي روئاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ

(5)
ڇا ٻڌايان مسئلا
ڪونه کٽندا سلسلا
ڌارين جا ولولا
آيا باندر ۽ بلا
ڪيئي آيا زلزلا
اڃا به وڌيا حوصلا
ڪات ظالم تي وهاءِ
ظالمن کان جند ڇڏاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ

(6)
ڌاريا هت لک ٿيا
سنڌين جا ٻک ٿيا
گولين جا بک ٿيا
سڀ سڙي هت رک ٿيا
ٻيا اڏاڻا پک ٿيا
سانت ۾ سڀ ڪک ٿيا
ڪين ماضيءَ کي ڀلاءِ
تون به ڪا گولي هلاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ

(7)
ڪوٽ قهري ڊاهيو
ديش پنهنجو ٺاهيو
ٿڃ ٿورا لاهيو
ڪاهيو اڄ ڪاهيو
هيڏا سنڌي آهيو
ڇونه ٿا ڳالهائيو
هٿ ارڏي سان ملاءِ
دشمنن جا گھر جلاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
ديش جو نعرو لڳاءِ
****