سنڌي ناهن
سنڌ سنڌين جي تڏهن ٿيندي
جڏهن سنڌي سنڌ جا ٿيندا
سنڌ جو ناڻو، سنڌ جو پاڻي
سنڌ جي مٽي دز نه ڏيندا
سنڌ جا وارث، سنڌ جا سڄڻ
ڪرسيءَ تي لالچ ڪونه مڃندا
سنڌيءَ کي ڪو ڌاريو ماري
انجي عيوض قوم ماريندا
مون وٽ سنڌي سي ئي آهن
”ٽِڪي“ ”حقي“ ڪڍ نه هوندا
سي ڪيئن سيڻ سنڌين جا چئبا
لنڊن کان لاهور جي ويندا
ظاهر ۾ ڀل سنڌي آهن
سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن
ووٽ وٺي لاهور وڃن ٿا
پنجابين تي گھور وڃن ٿا
هڙ ڦرائي، قوم ڪهائي
ڪاسائن لئه ڍور وڃن ٿا
ڪيئي اڳ مئا ڪرسيءَ لئه
ٻيا به اوڏانهن زور وڃن ٿا
لالچ خاطر ٽنگجي رنا
مڙس ماريون شهزور وڃن ٿا
ايوانن ۾ مار کائڻ لئه
نانگن جي ٻر نور وڃن ٿا
سنڌين جو سامان کڻائي
پنهنجي گھر جا چور وڃن ٿا
سنڌ ڇڏي پنجاب کي چاهن
سنڌي جا ناهن، سنڌي ناهن
ووٽ ڏنو مجيب کي ڇاهي
ووٽ وڌو ڀٽي کي ڦاهي
ووٽ جو پرچو ڦاڙيو ساڙيو
ڏس ڏنو آ مونکي ڏاهي
غير جي گھر ۾ ويهڻ وارو
تنهنجو منهنجو هرگز ناهي
ووٽ وٺندڙ ويرُ نه وٺندا
متان ڪرسيءَ کان ڪولاهي
اڳي ايئن قوم ڪهائي
غير اڃا غدار ٿو چاهي
غيرن سان غدار ملائي
هڻجن گوليون ٺاهي ٺاهي
جيڪي غير جي طرف ڳالهائن
سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن.
پنجابي جي هت اچن ٿا
تن کي جيڪي ڪين ڪڇن ٿا
سي ئي سڀ حرامي ٻچڙا
جيڪي تن کان ڪين پڇن ٿا
پنجابين سان پاڻ وڙهون ٿا
ان جي ڌُر ٿي نانگ نچن ٿا
غير جي بدلي پنهنجا ماري
انعامن لئه سانگ رچن ٿا
تن کي ”ارڏا“ ٺيڪ ٺاهيندا
سنڌين تي جي سڙن پچن ٿا
جيڪي سنڌو ديش نه چاهن
سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن