سنڌڙي جو فرمان
ذاتي جھيڙا جھڳڙا ڇڏيو
پيار محبت سان گھر اڏيو
قومي ٻڌيءَ خاطر سڏيو
ميڙي سيڙي سڀئي گڏيو
دنيا ۾ انسان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
مون ۾ تو ۾ ڪيئي برايون
هڪ ٻئي کي اچو سڻايون
دشمن اڳيان ڪين ڳڻايون
پنهنجو پردو ڪين کڻايون
ڌار آهيون ارمان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
هت ڪامورو يا پير هجي
مزدور هجي يا مير هجي
هت هاري يا وزير هجي
هت دولتمند فقير هجي
گڏجن سڀ احسان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
جنهن قوم اندر اتحاد نه آهي
دنيا ۾ سو شاد نه آهي
ڄڻ ڌرتيءَ تي آباد نه آهي
تاريخن ۾ ياد نه آهي
اتحاد جتي سلطان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
پنهنجي قوم سان وير نه ڪريو
پاڻ ۾ گڏجو دير نه ڪريو
من اندر ڪو مير نه ڪريو
پوئتي هرگز پير نه ڪريو
هتڙي مرد مهان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
قوم اندر جو مرض ٿئي ٿو
دانشور تي فرض ٿئي ٿو
هن تي قومي قرض ٿئي ٿو
آزاديءَ لئه عرض ٿئي ٿو
سوچي جو رحمان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
هرهڪ عالم سياست وارو
قوم سان هردم ٿئي سوڀارو
ڪين ڦري ڪو گورو ڪارو
اهو ڪافي آهي اشارو
مون وٽ سياستدان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ
آزادي ايمان آ منهنجو
هر سنڌي سلطان آ منهنجو
ساھ سِسي قربان آ منهنجو
هن سنا زنده شان آ منهنجو
”ارڏن“ جو اعلان اهو آ
سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ