شاعري

جنگ جو اعلان

ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book جنگ جو اعلان

انقلاب آهي

انقلاب آهي

سر تي سر رکي قلم ڪري ڇڏ
مڇي ڄاڻي تون اسانجو ماس تري ڇڏ
ڪاري چڪر جون ڪوٺيون هن قوم سان ڀري ڇڏ
هرگز نه ٺاھ ٿيندو هي ڌيان تون ڌري ڇڏ
هي قوم جي طرف کان مليل جواب آهي
هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

سنڌ ۾ فوجي گورنر ساڳيو آهي
اڃا به چئو ٿا هاڻي مارشلا ناهي
هو پنهنجي هٿن سان ٿو ڪورٽون ٺاهي
هي سنڌين سان ظلم نه آ ته ٻيو ڇاهي
حق گھرڻ تي قيد ۽ عذاب آهي
هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

ٿر ۾ ٻيو ته ڇڏ پاڻي پيئڻ لئه ناهي
پنجابي باغ بنائڻ لئه ڊيم ٿو ٺاهي
فقط ان لئه ته سنڌي هر نه ڪاهي
مالڪ جو چري چور ٿو گولي هلائي
بي داد واري ملڪ جو ڊاهڻ ثواب آهي
هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

مسئلا کڻي انجي در صدا نه ڪريو
جھولي جھلي انجي در گدا نه ڪريو
پنجابي يزيد آ انکي خدا نه ڪريو
سڀئي گڏجي وڙهو ٽولا جدا نه ڪريو
”ارڏي“ جو شعر سنڌوديش جو رباب آهي
هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.