مفت نه مر
اي لوڀي ڪر نه لات اندر،
۽ ڪرسي ڪرسي تات اندر
ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر
هت ڪوس هلي پيو ڪات وهي
هرڏينهن اندر هر رات اندر
باقي جي بچيا انهن کي ڏٺم
هر فرد آهي سقرات اندر
هت ڪير ڪڇي هڪ ير لڇي
پٿر آ پيل وات اندر
هوشو به اٿي هيمون به اٿي
ايمان رکين پرڀات اندر
ڪُجھ ڌيان تون ڌر ڪجھ ڌيان تون ڌر
ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر
ظالم جي اڳيان مظلوم اٿي
حاڪم جي اڳيان محڪوم اٿي
ڇو سور سهين سختين ۾ رهين
تحريڪ هلاءِ اي قوم اٿي
سوچين به نٿو لوچين به نٿو
ڇالاءِ مئا معصوم اٿي
هي باھ وڪوڙيل آ گھر کي
هي ساھ بچاءِ اي شوم اٿي
ٻيڙيءَ کي هلاءِ اي ميربحر
ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر
جنهن به هتڙي حق چيو
گوليءَ سان مئو غدار ٿيو
آواز اٿاري ڇا سگھندين
هت ڌارئي جڏهن قبضو ڪيو
جنهن قوم اندر اتحاد نه هو
تنهن قوم جو نالو مٽجي ويو
تو سمجھيو سڄڻ دشمن کي
تو دشمن پنهنجو سان کنيو
دشمن جي هٿان ايئن پيءُ نه زهر
ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر
هر هنڌ گولي گولي آ
تو قوم ڇو پنهنجي رولي آ
هو اڄ به توکان ڌار آهن
جا ڌار هنن جي ٻولي آ
ڌارين کي ڇڏي پنهنجن کي سڏين
مهراڻ اندر هر ڇولي آ
”ارڏن“ جي اڳيان جي قول ڪرين
پوءِ جنگ کٽڻ اڄ سولي آ
هن قوم سان مرندي پيار ته ڪر
ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر