گھاڻو
قوم پرست سنڌين سان هر وقت گذارڻ چاهيان ٿو،
پياريءَ سنڌ جي خاطر مان اج جيل به گھارڻ چاهيان ٿو.
سنڌ سان جن جن ظلم ڪيو، اڄ بخش انهن کي ڪونه ڪبو،
هر ويريءَ کي، هر ظالم کي مان ڳولهي مارڻ چاهيان ٿو.
هر هوشوءَ کي هر هيمونءَ کي، هر هر ٿو سڏيان هر سنڌيءَ کي،
اڄ آزاديءَ جي خاطر مان ڪو ٻارڻ، ٻارڻ چاهيان ٿو.
سو ظالم آ، جو ظلم سهي، هي قول سياڻي جو آهي.
تسليم ڪندي ان ڳالھ کي مان ڪو جوش اڀارڻ چاهيان ٿو.
هر سنڌيءَ کي مظلوم سڏيان، مسڪين سڏيان ڪو شڪ ناهي،
انهن جي زبان کي کولڻ لئه، ڪو وارو وارڻ چاهيان ٿو.
مارئي وانگر محل ڌڪاري، مارن سان آزاد رهان،
قيد اندر ڪو عيش نه گھُرجي، ٻڪريون چارڻ چاهيان ٿو.
هت ڌارين ڏاڍو تنگ ڪيو آ ديس کي هر حالت ۾،
ديس پنهنجي کان ڌارين کي، جلدي مان اٿارڻ چاهيان ٿو.
جن پيڙيو هو مخدوم بلاول بخش انهن کي ڪيئن ڪيان
”ارڏو“ ٿو مان ان گھاڻي جو لوھ پگھارڻ چاهيان ٿو.