ويچار
وکر وکر ڌارون ڌار
ڪهڙي شيءَ تي ڪريون ويچار..؟
پهريائين پنهنجي قوم سنڀاريون
پنهنجي پنهنجي مان کي ماريون
پوءِ اٿي ڪو ٻارڻ ٻاريون
ائين نه هلندي قوم ڪار...
ڌار رهن ٿا سياستدان
ويجھا ڪين ورن ٿا خان
سڏي سيد ٿو سلطان
گڏجڻ لاءِ خالي اقرار...
گڏجڻ ۾ ٿا ڪن چالاڪي
پٿر _ پليجو ۽ ساقي
وات ۾ واعدو هٿ ۾ پاڪي
بڻجن ٿا ههڙا مڪار..
هيڏي هوڏي سنڌي ساڳيو
هرڪو پاڻ سڏائي ڀاڳيو
چور تڙڻ لاءِ ڪير آ جاڳيو
هڪڙو جي_ايم ٿيو نروار..
آفيسر به ڌار رهن ٿا
هردم هو بيزار رهن ٿا
پئسن لاءِ بيمار رهن ٿا
مسڪينن سان آ تڪرار..
پير به سنڌي مير به سنڌي
ڪن ٿا ڪين اسان سان ٻڌي
اکين ۾ اٿن عينڪ انڌي
ڌارين تن کان ڪيو انڪار..
ڏنڊي کان ٿا ڪنڌ لڪائن
طوق غلاميءَ جو ٿا پائن
چڙهندي پاسي ٿا واجھائن
ڏنڊي واري سان ڪن پيار..
ملڪي سياست ۾ گھمسان
ڊوھ سان ٺهيو پاڪستان
هن جي ٽٽڻ جو امڪان
ٻروچ _ سنڌي ٿيا بيزار...
ڪي ڪي ارڏا ڌار ٿا چاهن
ڪي ڪي ارڏا پليون ڊاهن
ڪي ڪي ارڏا گوليون ٺاهن
ارڏن جو آ ”ارڏو“ يار...