انتساب پنهنجي پيٽاري جي دوست عبدالرزاق ناريجو نالي
پنهنجي پيٽاري جي دوست عبدالرزاق ناريجو نالي
منهنجو واسطو ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻي بئچ سان آهي. پيٽارو ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جي عمارت ٺهي راس ٿيڻ کان اڳ اسان پهرين ۽ ٻي بئچ (جنهن ۾ ٻٽيهه ٻٽيهه شاگرد هئاسين) ٻه سال ميرپور خاص جي اڄ واري شاهه لطيف ڪاليج جي عمارت ۾ گذارياسين. پٺيان ٿي نظر ڦيرائجي ته ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو.... اسان ٿيلها کڻي ميرپورخاص پهتا هئاسين. هاسٽل جا ڏهه ڪمرا مٿي هئا ۽ ڏهه هيٺ جن مان پنجن مٿين ۽ هيٺين ۾ پهرين بئچ جا مرزا بشير چاند، حميد انور، نور احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر رضا شيخ، شبير لغاري، شفيق الرحمان چنا، مصباح الحق ميمڻ، نصير قاضي، رميش ڪمار وغيره رهيل هئا ۽ باقي ڪمرن ۾ اسين ٻي بئچ جا علي رضا ميمڻ، محمد عالم هاليپوٽو، محمد رفيع ڪاڇيلو، شوڪت جماڻي، بشير دين ميمڻ، نجم الدين انصاري، سراج شيخ وغيره اچي رهياسين. انهن ڏينهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڄ به اکين اڳيان چٽيون چپاٽيون ڦري رهيون آهن. جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته ڄڻ ڪالهه جو ڏينهن هو. پر جڏهن ڪئلينڊر تي ٿو نظر وجھان ته اهو 1958ع جو سال هو. 1960ع ۾ اسان پيٽارو واري بلڊنگ ۾ شفٽ ٿياسين. ان کي به 56 سال يعني اڌ صديءَ کان مٿي عرصو ٿي ويو! ڪيترا يار هي جهان ڇڏي وڇوڙو ڏئي ويا. باقي جيڪي ڪجهه وڃي بچيا آهيون اهي به عمر جو ستون ڏهاڪو پورو ڪري اٺين ۾ پساهه کڻي رهيا آهيون. عمر جي حساب سان هر ڪو نانو ڏاڏو بلڪه ڪي ته پڙ نانا ۽ پڙ ڏاڏا به ٿي چڪا آهن. هر ڪو پنهنجن ٻچن ٻارن سان بزي آهي. يا بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽرن کان ملاقاتن جو وقت وٺڻ ۽ لئباٽرين ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ پورو آهي. ڪنهن کي به ڪو نه ٽائيم ٿو ملي ۽ نه اها همٿ ۽ چستائي آهي جيڪا جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سان ملڻ جي هئي. پر اهڙي تناظر ۾ اها حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان جو هڪ ڪليگ ميرپور خاص جو عبدالزاق ناريجو ڪِٽ نمبر 8 اڄ به انهيءَ جوش خروش سان نه فقط ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دوستن سان ملي ٿو پر سنڌ جي ٻين شهرن حيدرآباد، ٺٽي، نواب شاهه ۽ سکر به ويندو رهي ٿو. ڳوٺ به هر مهيني ڏيڍ ويندو رهي ٿو. اڳئين دفعي چيومانس ته مون ٿرپارڪر جي فلاڻي جونئر ڪئڊٽ کي چيو آهي ته هو تنهنجي ڳوٺ وٺي هلي. ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”اسان ڪي پوڙها ٿي ويا آهيون ڇا؟ تون رڳو موڊ ٺاهه ته آئون توکي وٺي هلان.“
واقعي عبدالرزاق ناريجو کي الله وڏي همت ڏني آهي جو هو سخت گرميءَ ۾ جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي ٽرئفڪ جئم هوندي آهي ته به هي گهران (گلشن اقبال) مان نڪري گلشن حديد ويندو جتان احمد حسين مخدوم (سندس پيٽارو جي ڪلاس ميٽ) کي کڻي صدر جي علائقي ۾ فليٽ ڪلب ۾ پيٽارين ائسوسيئيشن جي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ ايندو. هر سال انبن توڙي ڦارون جي موسم ۾ گاڏيءَ ۾ کوکا ۽ ٽوڪريون ڀري پنهنجي پيٽارو جي دوستن جي گهرن ۾ پهچائيندو رهندو. ڪڏهن سندس پٽ عمران ساڻس گڏ هوندو آهي نه ته سڀ ڪم پاڻ اڪيلي سر ڪري.
”عبدالرزاق هي ڇا! گاڏي پنڪچر ٿي پوي ته پوءِ؟“ اسانجو مطلب هوندو آهي ته هو پوڙهو ماڻهو ڪيئن وهيل کولي اسپيئر چاڙهيندو. پر جواب ۾ هن جي هر وقت ساڳي پيٽارو جي ڏينهن واري مرڪ چپن تي ايندي آهي ۽ چوندو آهي ته: ”توهان ڇا ٿا ڀانيو ته ائون ”اسپيئر ٽائر“ بنا ٿو هلان؟“
ڪو بيمار ٿيندو آهي ته ان کي پڇڻ لاءِ سڀ کان اڳ پهچي ويندو آهي. آپريشن جهڙي شيءِ کان ڪو گھٻرائيندو آهي ته نه فقط ان کي آٿت ڏيندو آهي پر اسپتال به پهچي ويندو آهي. منهنجي Prostate Gland جي آپريشن تي مونکي گهٻرايل محسوس ڪري چيائين: ”يار ڪمال ٿو ڪرين. هاڻ ته ان آپريشن جا آسان ۽ ماڊرن طريقا نڪري پيا آهن. مون ته جڏهن ڪرائي ته منهنجو پيٽ چيري ڪئي هئائون. ڏس هتان کان وٺي هيستائين پيٽ ڦاڙيو هئائون. انفيڪشن ۽ سوڄ به ٿي پئي هئي.“
پيٽ تي ڏٺم ته واقعي چيهڪ جا نشان هئا. خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڪهڙي آپريشن عبدالرزاق ڪرائيندو رهي ٿو. دوستن کي به نه ٻڌائي نه تڪليف ڏئي. هڪ ٻن لاءِ ته چيائين ته هن پنهنجي پٽن کي به نه ٻڌايو. منهنجي خيال ۾ عبدالرزاق دل جي آپريشن لاءِ به ٻڌايو ته هن اوپن هارٽ سرجري ڪرائي آهي. وچ ۾ هڪ ٻه سال مون عبدالزاق کي آمريڪا ۾ به ڏٺو. چيومانس ته سٺو ٿيو جو گهمڻ لاءِ نڪتو آهين. ان تي پاڻ ٻڌائين هو پنهنجي ڪنهن بيمار مائٽ جي خذمت لاءِ آيو آهي ۽ ٽن مهينن کان مريض سان گڏ اسپتال ۾ ئي آهي.
سندس ڪيترائي مائٽ سعودي عرب ۾ ئي ٽڪيل آهن. اهي به سڀ هن وانگر سڌا سادا مسلمان ۽ بي ضرر انسان آهن. انهن مان هڪ نوجوان انڊيا ويو جتي هن سان فراڊ ڪيو ويو ۽ جيئن انڊيا ۾ عام آهي ته پاڪستاني بي ڏوهيءَ کي به جيل ۾ هڻيو ڇڏين نه وڪيل نه داد فرياد. هن جا سڀ مائٽ سعودي عرب توڙي پاڪستان ۾ سخت پريشان ٿي ويا پر مون ڏٺو ته عبدالرزاق ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. شايد پاڻ هلي ملي انڊيا ويو ۽ ڪيترن ئي بااثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي پر ڪو انصاف نه ٿيو آخر کيس ٽنڊو سومرو جو هڪ نيڪ انسان عُبيد نظاماڻي (محمد عيسيٰ نظاماڻي جرنلسٽ جي پٽ) سان ملاقات ٿي جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي دهلي واري سفارتخاني ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر هو. ان سرڪاري طرح هن ڪيس کي کنيو ۽ هن بي قصور کي انڊيا جي جيل مان آزاد ڪرايو.
ميرپور خاص کان هڪ رستو سانگھڙ ۽ اڳتي کپرو ڏي وڃي ٿو. هن رستي تي ميرپور خاص کان 16 ميلن جي فاصلي تي اسانجي سابق وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جو ڳوٺ سنڌڙي آهي. سنڌڙي ۽ ميرپور خاص جي وچ ۾ يعني ميرپور خاص کان 8 ميلن جي فاصلي تي ڪاٺڙي ڳوٺ آهي جنهن جي سامهون رستي جي ٻي پاسي هڪ ٻيو ننڍو ”ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو“ نالي آهي. اسانجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو دوست عبدالرزاق ناريجو 24 نومبر 1942ع تي هن ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو ۾ فيض محمد ناريجو جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ عبدالرزاق جي چاچي احمد بخش جي نالي آهي جنهن جا پٽ: حاجي محمد بخش ناريجو ۽ عبدالله ناريجو سڄي عمر مديني ۾ گذاري ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خذمت ڪئي. سال کن ٿيو ته هنن ٻنهي جو انتقال ٿيو ۽ هو مديني ۾ ئي دفن آهن. باقي ٻيا ڀائر شفي محمد، حسين احمد، محمد حسن ۽ سعيد احمد ڳوٺ ۾ ئي زمينداري ڪن ٿا. محمد حسن عبدالرزاق جو سوٽ به ٿئي ته ناٺي پڻ اهڙي طرح سعيد جي به ساڻس مٽي مائٽي آهي جو هو عبدالرزاق جو ڀيڻويو به ٿئي.
عبدالرزاق وارا پاڻ به ست ڀائر آهن ۽ سڀئي اباڻو ڌنڌو زمينداري ڪن ٿا. وڏو ڀاءُ محمد اسماعيل ناريجو ٺٽي ۾ رهي ٿو، عبدالرزاق پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. باقي ٻيا ڀائر: عبدالحق، محمد يوسف، محمد يامين، اسحاق ۽ علي اڪبر ڳوٺ ۽ ميرپور خاص رهن ٿا. محمد يامين ۽ اسحاق ناريجو ٿورو گهڻو سياست سان به وابسته آهن.
عبدالرزاق شروع جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو مان پڙهيا. اسان جي ڏينهن ۾ ڪلاس نه پر درجا هوندا هئا پهريان چار درجا (پهرين کان چوٿين تائين) ۽ جي ٻاراڻو ملائجي ته پنج درجا ٿيا جيڪي سنڌيءَ جا سڏبا هئا. ان بعد پهرين درجي کان ستين درجي (مئٽرڪ) تائين جا انگريزي اسڪول جا سڏبا هئا. اسان جڏهن انٽر ۾ پهتاسين ته تعليم جو اهو سسٽم ختم ڪري درجن بدران ڪلاس سسٽم ڪيو ويو ۽ مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ڏهه سال يعني ڏهه ڪلاس پڙهڻ لاءِ ڪيا ويا.... يعني سال کن گهٽايو ويو.
عبدالرزاق ڳوٺ جي سنڌي اسڪول مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پراڻي ميرپور خاص جي انگريزي اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا ورتي. عبدالرزاق جو والد صاحب جناب فيض محمد ناريجو ۽ چاچو احمد بخش ناريجو وڏا ديندار ٿي گذريا آهن. عبدالرزاق ٻڌائيندو هو ته هو سنڌي جي ٻئي ڪلاس ۾ هو ته هن قرآن پورو ڪيو. هڪ سال انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ بعد کيس سندس والد ميرپور خاص جي مدرسي دارالعلوم القاسميه ۾ داخل ڪيو جتي انگريزي تعليم سان گڏ عربي به پڙهائي وئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو 1957ع ۾ جڏهن عبدالرزاق ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته هو عربي ۽ سنڌي ڪلاسن ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان ثابت ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اهي سبجيڪٽ سائين شاهد عباسي صاحب پڙهائيندو هو جنهن جو ”ابن بطوطا“ جو عربي مان سنڌي ترجمو ٿيل سفرنامو اڄ به مشهور آهي. سال ڏيڍ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏي ويو ۽ اڃان ميرپور خاص ۾ ئي هئاسين ته انهن سبجيڪٽن لاءِ سنڌ يونيورسٽي مان تازو Ph.D ڪري آيل سائين ڊاڪٽر مدد علي قادري مقرر ڪيو ويو جنهن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ضرور واقف هوندا جو ٻن سالن بعد هن جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي نوڪري ڪئي جتي هو رٽائرمينٽ تائين ٽيهارو کن سال عربي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو.
اسانجي دوست عبدالرزاق جي شادي مرحوم محمد اسماعيل ناريجو جي گهران ٿي جنهن جي پڻ سڄي عمر گهٽ ۾ گهٽ 1971ع کان مديني ۾ گذري ان ڪري هن کي محمد اسماعيل مديناڻي سڏيندا هئا. پاڻ ۽ سندس گهر واريءَ اتي ئي وفات ڪئي ۽ جنت البقي ۾ دفن ٿيل آهي.
ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ يعني اسان جڏهن 1958ع ۾ داخلا ورتي ته رهائش لاءِ فقط ٻه هائوس (هاسٽلون) هيون. جناح هائوس ۽ ٻيو لياقت هائوس. آئون لياقت هائوس ۾ رهندو هوس ۽ عبدالرزاق ناريجو جناح هائوس ۾. عبدالرزاق سان گڏ ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي به رهيو ٿي. منهنجي ان سان پهرين ملاقات ٿيل هئي جو منهنجو والد گل محمد شيخ انهن ڏينهن ۾ ٽنڊو ڄام جي وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ نور احمد نظاماڻيءَ جي والد رئيس حاجي شير محمد نظاماڻيءَ سان دوستي هئي. نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق ناريجو نه فقط روم ميٽ هئا پر سٺا دوست پڻ هئا ۽ مونکي لڳي ٿو ته ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ٻئي گڏ آيا هوندا تڏهن ته نور احمد جو ڪٽ نمبر 7 ته عبدالرزاق جو 8 آهي. هينئر جي خبر ناهي پر اسان جي ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج لاءِ انٽري ٽيسٽ ۽ اورل بعد چونڊيل اميدوارن کي داخلا لاءِ گهرايو ويندو هو ۽ جيڪو جيڪو ايندو ويندو هو ان کي رهائش لاءِ ڪمرو نمبر ۽ ڪِٽ نمبر (هڪ قسم جو سيريل نمبر) ڏنو ويندو هو.
نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق ناريجو ڪاليج جي سٺن شاگردن مان هئا..... يعني پڙهائي ۽ راندين کان علاوه جنرل ناليج ۽ تقريرون ڪرڻ ۾ به. انگريز فوج جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني Pow (جنگي قيدي) جي ايڇ. ايڇ ڪومبس اسانجو پرنسپال هو. هو ڇهه سال کن رهيو. اسان جي ڏينهن ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهٽ هجڻ ڪري انگريز پرنسپال سڀني کي سڃاڻندو هو ۽ چرچا ڀوڳ ڪندو هو. هن جي هميشه اها خواهش هوندي هئي ته اسان هر فن مولا بڻجون خاص ڪري هن صوبي جا نوجوان فوج ۾ وڃون. ان ڪري هن پي ٽي پريڊ ۽ صحت جو خيال رکڻ تي زور ڏنو ٿي. رٽائرڊ ٿيڻ تي هو پنهنجي وطن انگلنڊ هليو ويو. ٽن چئن سالن بعد پاڪستان پنهنجي شاگردن سان ملڻ لاءِ آيو خاص ڪري انهن سان جيڪي فوج ۾ هئا. واپسي تي سندس اسان جي مرچنٽ نيوي جي جهاز ذريعي لنڊن وڃڻ ٿيو هو جنهن جو ڪئپٽن اسانجي ڳوٺ جو پيٽارين رشيد ابڙو هو. کيس ان ڳالهه جو ٻه ٽڪا ڏک ضرور هو ته نور احمد نظاماڻي، عبدالرزاق ناريجو، لياقت جتوئي ۽ هادي بخش جتوئي جهڙا سندس ذهين ۽ تندرست شاگرد جيڪر فوج ۾ وڃن ها. اميد ته انهن جو اولاد فوج ۾ ڀرتي ٿي پنهنجو ۽ پنهنجي صوبي جو نالو مٿاهون ڪندا.
عبدالرزاق جي سال 1959ع ۾ شادي ٿي. کيس ٽي ٻار آهن. هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پٽ: نياز احمد ناريجو ۽ عمران ناريجو. نياز شادي شده آهي ۽ اولاد ۾ هن کي هڪ پٽ نبيل ۽ ٻه ڌيئون: يمنا ۽ نور آهن.
[b]الطاف شيخ
[/b]1 سيپٽيمبر 2016
ڪراچي