سنڌي هندن جا يورپ ۽ آمريڪا ۾ دڪان
سائوٿ آمريڪا اسان کان سڀ کان ڏورانهون کنڊ آهي. ڇا اتي جي ماڻهن کي، اڄ جي انٽرنيٽ جي دؤر ۾، ڪا خبر هوندي ته ٺيڙهي، سرهاڙي، سعيد آباد، ساڪرو ۽ سامارو سنڌ جا شهر آهن؟ جيتوڻيڪ صدين تائين سنڌ خشڪي جي شاهراهه ريشم (Silk Route) ۽ سامونڊي مصالحي واري رستي (Spice Route) تي آهي پر سنڌي هندو واپارين کي سانگھڙ، مٺي ۽ عمر ڪوٽ جهڙن ڳوٺن کان به ننڍن ڪوراسائو، ٽرنيڊاڊ، ٽباگو سينٽ ونسينٽ، لاس پاماس، سينٽ ڪِٽ، سينٽ مارٽن جهڙن ڏورانهن ٻيٽن جي نه رڳو ڄاڻ هئي پر جيئن ئي انجڻ جي ايجاد ٿي ۽ سڙهن وارن جهازن بدران آگبوٽ هلڻ لڳا ته هو انهن ٻيٽن تي پهچي ويا. بصري ۽ بخارا توڙي جاوا ۽ سماترا تي ته هو سڙهن وارن ٻيڙن ۾ ئي صديون اڳ پهچي ويا هئا تڏهن ته انهن جون ڳالهيون ٻڌي اڄ کان 300 سال اڳ شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ چيو:
”سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا.“
يا
”سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن
ويا چين بينگال ڏي، ماڻڪ رکن من “
يا
”لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين“.
... وغيره.
بولچندن وارن جو ڏکڻ آمريڪا ۾ بزنيس وري به 1900ع کان پوءِ ٿيو پر يورپ ۽ آفريڪا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ سنڌي هندو واپاري مليا جن جو اتي 1857ع واري بلوي دوران ۽ ان کان يڪدم پوءِ بزنيس سيٽ ٿيو. يعني هو اتي جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن جا سيٺ ٿي ويا ۽ مقامي ماڻهو سيلز مين ۽ نوڪر چاڪر! وقت سان گڏ سندن اسٽورن جون شاخون ٻين ملڪن ۾ به کلنديون ويون. جيئن مثال جي ڳالهه ڪئالالمپور جي جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي جيڪو ”چوٽر مل“ اسٽور آهي اهو پهرين جبرالٽر ۾ 1875ع ۾ کليو هو. ملائيشيا (ڪوالالمپور) واري اها شاخ پنجين شاخ آهي جيڪا 1932ع ۾ کلي ۽ ان اسٽور ڀرسان جيڪو تانسري ڪشوءَ جو ڇهه ماڙ گلوب سلڪ اسٽور آهي اهو ڪوٽڙيءَ جي رهاڪو ڪشو جي والد 1937ع ۾ پهرين ملايا جي سيگامت شهر ۾ کوليو ان بعد ڪئالالمپور ۾ شفٽ ٿيو.
دنيا جا مشهور سنڌي هندن جا سندن نالن وارا ڊپارٽمينٽل اسٽور جهڙوڪ: چيلارام (جنهن جون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 15 شاخون آهن)، ڏيارام (جنهن جي ڏهاڪو کن برانچن مان اڌ جپان جي وڏن شهرن ۾ آهن)، جهامنداس، ورڪومل شيوڪمار، اوتومل ۽ آسودو مل وغيره جن جون گهڻيون تڻيون شاخون آفريڪا جي شهرن ۾ آهن ۽ اهي 1900ع ۽ 1928ع جي وچ ۾ جڙيا. جيڪي اوڻهين صديءَ ۾ ٺهيا ـــ يعني 1857ع ۽ 1900ع جي وچ ۾ انهن مان ڪجهه مشهور اسٽورن (ڪمپنين) جا نالا هن ريت آهن:
پوهو مل (پهريون اسٽور يورپ ۾ 1858ع ۾ کليو جنهن جون دنيا ۾ 20 شاخون آهن)، چيلا رام (15 شاخون) ڏيئلداس (1870ع ۾ ٺهيو). 30 کان مٿي شاخون آهن. اهڙي طرح جھمٽ مل, گرڀ مل، چئنراءِ وغيره وغيره.... سوين مختلف سنڌي هندن جي نالن وارا چين اسٽور آهن. مٿي پاناما ۽ ان جي ڀر وارن ڪئريبين سمنڊ وارن ننڍن ٻيٽن تي جتي بولچند وارن جا ڪيترائي چين اسٽور آهن، تازي رپورٽ ”بزنيس ڊائريڪٽري آف هانگ ڪانگ“ موجب سائوٿ آمريڪا جي انهن ڏورانهن ٻيٽن مان هر هڪ تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار سنڌي هندو رهن ٿا. اهو پڙهي مونکي موهن داس گانڌي ٿو ياد اچي جيڪو ننڍي هوندي ڏکڻ آفريڪا ۾ رهڻ دوران سنڌي هندن کي واپار ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کان گوءِ کڻندي ڏسي چڪو هو تنهن هندستان جي ورهاڱي وقت هندو سنڌين کي لڏ پلاڻ دوران پريشان ٿيندو ڏسي همٿايو هو ته:
“…… The Sindhi Hindus are first class businessmen. They will make money for themselves, wherever they go. There is hardly any place in the world where Sindhis are not found. In South Africa they were making big money and gave it liberally to the poor”.
ڊاڪٽر داسواڻي جنهن سان منهنجي ملاقات سان 2004ع ۾ دهلي جي ”واسواڻي گرلس ڪاليج“ ۾ ليڪچر دوران ٿي هئي ۽ جنهن جو احوال پنهنجي انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ ڪيو اٿم ان جو سنڌ جي سوداگرن بابت هڪ مضمون پڙهيم جنهن ۾ هن ان جو ڪارڻ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ ٻڌايو آهي. هو لکي ٿو ته:
“Sindh is the only place where the two legendary “Silk” and “Spice” routes meet…… Connecting East, South & West Asia with the Mediterranean & European World, as well as parts of North & East Africa, Turning its people into Skillful traders”.
بهرحال گذريل مضمون ۾ پاڻ سنڌ جي فقط هڪ هندو فئملي ”بولچند“ جو ذڪر ڪيو جنهن اڄ کان هڪ صدي اڳ ڏکڻ آمريڪا جي هڪ ننڍڙي ملڪ پاناما پهچي پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن سنڌ جي مانجھند، ميرپور خاص، مٽياري ۽ ماتلي جهڙن ڳوٺن کان به ننڍن ٻيٽن تي جن جي نالن کان اڄ به ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل به اڻ واقف آهن اتي پنهنجو واپار ڄمايو. انهن مان ڪجهه ٻيٽ جن تي منهنجو وڃڻ ٿيو ۽ جن بابت، پڙهندڙ جي ڄاڻ لاءِ چند سٽون لکڻ چاهيان ٿو، اڄ انهن تي بولچند فئمليءَ جا ڪيترائي سُپر اسٽور ٿي ويا آهن جيئن ته اروبا ٻيٽ تي چار اسٽور آهن جن مان هڪ D’orlahn نالي قيمتي ۽ Fine قسم جي ڳهن جو به آهي. ڪوراسائو ٻيٽ جتان هن فئملي جي وڏي بولچند پيسومل نندواڻيءَ پهريون دڪان کولي شروعات ڪئي، اڄ اتي سندن ست وڏا ڊپارٽمينٽ اسٽور آهن جيڪي سندس پوٽا ۽ پڙ پوٽا هلائين ٿا. پٽ چوهڙمل ته پهرين گذاري ويو باقي دادا دولترام جنهن سان اسان جي 1968ع ڌاري ملاقات ٿي هئي گذريل سال ديهانت ڪري ويو. هن ٻيٽ تي بولچند وارن جو Crocs اسٽور به آهن جنهن برانڊ جا چئمپل ۽ بوٽ اڄ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويا آهن.
اهڙا پنج اسٽور سينٽ مارٽن ٻيٽ تي آهن. اتي ”ڪروڪس“ (Crocs) جون ٻه برانچون ۽ ”پئنڊورا“ جي هڪ ۽ ”بولچند“ نالي پڻ ٻه اسٽور آهن. سينٽ ٿامس نالي ٻيٽ تي به چار اسٽور آهن جن مان ٻه پئنڊورا (Pandora) نالي، هڪ بولچند ۽ هڪ ڪروڪس نالي سان آهي. پورٽوريڪو ٻيٽ جي ”سان جئان“ بندرگاهه ۾ به اسان کي بولچند وارن جو Pandora Mall نظر آيو. ان نالي وارو اسٽور آمريڪا جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ رياست فلوريڊا جي شهر ڊورال ۾ پڻ آهي. ان کان علاوه هنن جا بولچند ۽ ڪروڪس نالي اسٽور بونائير، سينٽ ڪِٽس ٻيٽ ۽ ورجن آئلنڊ تي به آهن جن جي ديک ڀال رام جو پٽ يعني دولترام جو پوٽو ”روي بولچند“ ڪري ٿو.