الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

”بولچندن“ جي ڏکڻ آمريڪا ۾ ڪاميابي

بولچند پيسو مل نندواڻي
ڄم 1885 وفات 1950

پاناما ۾ ڪجهه سال ڪم ڪرڻ بعد هن 1930 ۾ ڪُوراسائو ٻيٽ تي پنهنجو اسٽور کوليو

دراصل بولچند فئملي جو جائزو ورتو وڃي ته ڪئريبين سمنڊ جي ڪناري وارن هنن ٻيٽن ۽ ملڪن تي جيتوڻيڪ ”دادا دولترام“ جي پيءُ ”بولچند پيسومل نندواڻيءَ“پير ڄمائي پهريون دڪان شروع ڪيو پر هنن کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائي بين الاقوامي شهريت حاصل ڪرڻ ۾ دادا دولترام جو هٿ ۽ حوصلو رهيو. پيءُ (بولچند) جي وفات بعد ٻن سالن کانپوءِ 1952ع ۾ هن ٻيو دڪان ”ڪارٽيسيا“ (Cortesia) نالي ”ڪوراسائو ٻيٽ“ جي هانچي سنوئا (Hanchi Snoa) واري علائقي ۾ کوليو ۽ هڪ وڏو اسٽور ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزوئلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراڪس (Caracas) ۾ 1953ع ۾ کوليو ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو پنهنجي پيءُ جي نالي بولچند “Boolchands” سان رکيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. دادا جا چار پٽ ـــ خاص ڪري رام ۽ ان جو پٽ روي ان کي هلائين ٿا. ان نالي ”بولچندس“ سان اڄ ڪوراسائو کان علاوه آمريڪا جي ورجن آئلينڊ، سينٽ مارٽن، ارُوبا (Aruba)، بونائير (Bonaire) ۽ ٻين هنڌن تي ڪل 33 اسٽور آهن. خبر ناهي اڄ ڪلهه دادا دولترام جيئرو آهي يا نه..... جي هوندو ته 105 سالن جو هوندو. 2002ع تائين ته هن جي خبرچار پئي پي ته هو 90 سالن جو هجڻ جي باوجود ڪافي Active آهي ۽ پنهنجن دڪانن جي چڪاس ۽ پنهنجن پٽن پوٽن ۽ ڪم وارن کي صلاح مشورو ڏيڻ خاطر هڪ دڪان يعني هڪ شهر ۽ ٻيٽ کان ٻي تي ويندو رهي ٿو. ڪنهن هنڌ مون پڙهيو هو يا شايد سندس پٽ رام ڳالهه ڪئي ته دادا دولترام کي هر وقت هوائي جهاز ۾ سفر ڪندو ڏسي ماڻهو جڏهن کانئس پڇندا آهن ته هو ڪٿي رهي ٿو ته جواب ۾ چوندو آهي ته: ”هوائي جهاز ۾“
هتي اهو به لکندو هلان ته موسم جي لحاظ کان ڪوراسائو ٻيٽ ٻيو سنڌ صوبو آهي جو ”ڪورا سائو“ جي موسم سنڌ وانگر تمام گرم ۽ خشڪ آهي جتي مينهن نه برابر وسي ٿو. بهرحال موسم ته آمريڪا جي رياست ٽيڪساز يا دبئي جي به ساڳي سنڌ وانگر گرم آهي پر هنن ملڪن ۾ پهچي محسوس نٿو ٿئي جو تقريبن هر دڪان ۽ آفيس ايئرڪنڊيشنڊ آهي. گهر ۽ گاڏيون ايئرڪنڊيشنڊ آهن .... ان ڪري اڄ جي دبئي يا ڪوراسائو جهڙن هنڌن تي اها گرمي نٿي محسوس ٿئي جيڪا سٺ جي ڏهاڪي ۾ ٿيندي هئي جڏهن اسان جو جهاز انهن بندرگاهن ڏي ڀڳو بيٺو هوندو هو. افسوس جو اسانجو ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبو دبئي يا ڪوراسائو جي مقابلي ۾ اڄ ويران ۽ اجڙيل لڳي ٿو جتي بجليءَ جي ڏڪار ڪري ماڻهو پنکي (Fan) جي هوا لاءِ به سڪي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو. اهڙي طرح ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ مقامي سياستدانن جي جي ننڍي کنڊ جي واپارين(آغاخاني، گجراتين، بوهرين، سنڌين، وغيره) سان رکيل ساڙ هنن کي ڪنگال بنائي ڇڏيو ۽ کين هٿين خالي اهي ملڪ ڇڏڻا پيا. پر اهو آهي ته هنن محنت ۽ واپاري ڄاڻ ۽ تجربي کان ڪم وٺي وري پاڻ کي پيرن ڀر بيهاريو ۽ هٿين خالي هجڻ جي باوجود پئسو ڪمايو. انهن حالتن جا مثال منهنجي اکين اڳيان ڪيترائي آهن. مثال طور سنگاپور ۾ ڪوٽڙيءَ جي سنڌي هندو موهن جو دڪان ڪلفرڊ پيئر جي منهن وٽ هجڻ ڪري هر جهاز جو ماڻهو پهرين هن جي دڪان ۾ گهڙندو هو. پوءِ ڪجهه سالن بعد سنگاپور حڪومت کي سمنڊ ڀري زمين reclaim ڪرڻ جو خيال آيو ۽ ڪلفرڊ پيئر وارا دڪان جيڪي حڪومت جا هئا ڊاهيا ويا. نتيجي ۾ موهن به هٿين خالي ٿي ويو. پر شاباس هجي هنن واپارين کي جيڪي همت نٿا هارين. ٻئي دفعي سنگاپور اچون ته موهن جيڪو وڏو دڪاندار ۽ سيٺ هو ان کي ٻئي جي دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪندي ڏٺوسين. اسان کي ئي ڏک پئي ٿيو پر موهن چوندو هو ته مڙيئي خير آهي. وارا نيارا آهن. هڪ سج ٻه پاڇا. ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد جڏهن مون جهاز جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪئي ته سنگاپور جي هڪ نئين علائقي ۾ چڪر ڏيندي موهن سان ملاقات ٿي جيڪو هڪ دفعو وري هڪ دڪان جو مالڪ ٿي ويو هو جيڪو پهرين (ڪلفرڊ پيئر) واري دڪان کان به سٺو هلي رهيو هو. سو ڳالهه اها آهي ته بزنيس لاءِ رڳو پئسو ضروري ناهي پر واپار جي ڄاڻ، محنت، عقل ۽ ڀلو ڀاڳ به ضروري آهي. اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمانن پاڪستان ۾ ”گولڊن هئنڊ شيڪ“ جي چڪر ۾ سٺيون نوڪريون ڇڏي مليل پئسي مان واپار شروع ڪيو پر هلي نه سگهيا. اڄ به ڪيترا واپار کان اڻ ڄاڻ يا اهو سمجھڻ وارا ته واپار لاءِ رڳو پئسو ضروري آهي، پنهنجو الهه تلهه وڪڻي ملائيشيا ۾ پهچن ٿا هو دڪان، پيٽرول پمپ، يا امپورٽ ايڪسپورٽ جي ڪمپني کولين ٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي زيرو تي پهچيو وڃن ۽ سڀ ڪجهه وڃائي ناڪام پنهنجي وطن موٽن ٿا.
دادا دولترام جنهن پنهنجي پيءُ بُولچند جي قائم ڪيل بزنيس کي وڏي اوج تي پهچايو تنهن کي به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. سندن ڪوراسائو وارو هلندڙ پهريون اسٽور جنهن تي اسان 1968ع ۾ ويا هئاسون، ٻئي سال مقامي غنڊن ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. افسوس جي ڳالهه اها جو اهو انشوئر به نه ٿيل هو. دادا ۽ سندس فئملي ترپٽ ٿي ويا. پهرين ته سندن وايون بتال ٿي ويون ته ڇا ڪجي پر پوءِ هڪ بئنڪ Moduro & Curiel’s کيس قرض ڏنو ۽ هن ”هيرين اسٽريٽ“ جي 4B بلاڪ تي ٽماڙ اسٽور ٺهرايو. ڳاڙهي رنگ جي هيءَ عمارت جنهن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ Boolchands لکيل آهي اڄ به ڪوراسائو ٻيٽ جي نمايان بلڊنگ آهي. بهرحال سالن جي محنت بعد هو هڪ دفعو وري چڙهي ويو ۽ ڏٺو وڃي ته بئنڪ به سندس قابليت کي پرکي کيس قرض ڏيڻ جو risk سوچي سمجھي کنيو هوندو.
سچ ته اهو آهي ته ڏاهپ ۽ محنت جي باوجود سنڌ جي هندو واپاريءَ هر هنڌ ۽ هر وقت نٿي ڪمايو. هن جي زندگيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن به آيا ٿي - خاص ڪري شروع جا ڏينهن، مهينا بلڪه سالَ هن کي سخت جدوجهد ڪرڻي پيئي ٿي جنهن دوران ڪيترا موٽي وطن به هليا ويا ٿي پر گهڻا منهن ڏيئي ٽڪي پيا ٿي. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مون اهڙا ڪيترائي سنڌي هندو نوجوان هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سوربايا (انڊونيشيا) ۾ ڏٺا جن کي دڪانن جي سنڌي مالڪن سيکڙاٽ طور پنهنجن دڪانن ۾ يڪدم سيلز بئاءِ رکڻ بدران هنن کي پنهنجي ڪمپنيءَ جو پراڊڪٽ (مثال طور صابڻ، پائوڊر، بڪل، ڦڻيون ـــ ويندي عورتن جون باڊيون (بريزئر) ڏيندا هئا ته سائيڪل تي گهٽي گهٽي ۽ ڳوٺن ۾ هوڪو ڏئي وڃي وڪرو ڪريو. کين پگهار بدران وڪري مطابق ڪميشن ڏني وئي ٿي. مونکي هن وقت به چٽي طرح ياد اچي رهيو آهي ته 1973ع ۾ ڪولون (هانگ ڪانگ) جي ناٿن روڊ تي ”چنڪنگ مئنشن“ جي هڪ سستي ميس ۾ ٻه ٽي سنڌي هندو ڇوڪرا دال ڀت کائي رهيا هئا ۽ پنهنجن سيٺين کي سنڌيءَ ۾ گاريون ڏئي رهيا هئا جيڪي ٻڌي مون ساڻن خبر چار ڪئي ۽ پڇڻ تي ٻڌايائون ته سندن سنڌي هندو سيٺ هنن کي گهٽ پئسو ڏين ٿا ۽ پورهيو وڌيڪَ وٺن ٿا. هو ان چنڪنگ مئشن جي هڪ ڪمري ۾ پٽ تي ستا ٿي جو هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ اها ئي سستي عمارت هئي. اهڙن سيلز بئائز جي تڪليفن کي ڏسي آئون چوندو هوس ته هانگ ڪانگ يا پينانگ جهڙن هنڌن تي ته هنن کي بهتر جاب ملي سگهن ٿا. پر پوءِ مونکي خبر پيئي ته واپاري (سيٺ) ٿيڻ لاءِ هنن کي انهن منزلن مان گذرڻ ضروري آهي ۽ ويندي سيٺين جي ٻارن کي به هيٺان کان ڊسپئچر، ڪلارڪ، سيلز مئن ٿي ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد انهن نوجوان سيکڙاٽن کي پاڻ سيٺ ٿيندي به ڏٺو. هو ڪنهن ننڍي يا وڏي دڪان جا مالڪ به ٿي ويا ٿي جيئن دادا دولترام جو پيءُ ”بولچند پيسومل نندواڻي“ پاناما ۾ پهرين سيلز مئن ٿي ڪنهن سيٺ جي اسٽور ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ پئسو گڏ ڪري ڪري هڪ ڏينهن هن پنهنجو دڪان کوليو ۽ پنهنجي دڪان ۾ ٻين کي سيلزمين ڪري رکيو.
هانگ ڪانگ، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ وري به رهائش ۽ کاڌي پيتي جي سستائي آهي پر يورپ جي ملڪن ۾ شروع جا سال هنن سنڌي واپارين کي اڌ بک اڌ ڍؤ تي رهي مشڪلن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. ان تان ئي اهو پهاڪو جڙيو ته: ”توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم، لکيو لوح قلم ۾“ هو باوجود تڪليفن جي واپار کي چهٽيا رهيا ٿي ۽ هنن ٿوري ڪمائيءَ مان به بچت ڪئي ٿي ۽ انهن ملڪن جي رنگينين ۾ وهي نٿي ويا. هو سادگي قائم رکي پئسي کي بچائيندا رهيا. هو جتي رهيا ٿي مقامي ڪلچر جو احترام ڪيو ٿي ۽ ان ملڪ ۽ پنهنجن گراهڪن جي ٻولي سکي ٿي. دادا دولترام اهائي نصيحت ڪندو هو ته ڌارئين ٻولي سکڻ لاءِ ڳالهائيندو رهڻ کپي. “I Learned languages through customers. If you don’t use a language, you’ll never learn it”.
دادا کي پنهنجي سنڌي، هندو، اڙدو، فارسي ته آئي ٿي پر گجراتي ۽ سنسڪرت به! دراصل ڳالهائڻ ۾ اڙدو ۽ هندي ته ساڳي ٿي ۽ سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي آئي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ يعني دادا دولترام جي ڏينهن ۾ سنڌ جي اسڪولن توڙي مدرسن ۾ فارسي پڙهائي وئي ٿي. دادا منهنجي والد (گل محمد شيخ) کان فقط ٽي سال ننڍو هو يعني هو 1923 ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد مان پڙهيو جتي منهنجي والد به فارسي پڙهي. مئٽرڪ انٽر بعد منهنجو والد پوني ۾ پڙهيو ان ڪري هن کي ان رياست جي ٻولي مرهٺي ڪجهه ڪجهه آئي ٿي. اهڙي طرح دادا دولترام مئٽرڪ انٽر بعد احمد آباد بڙودا ۾ پڙهيو ۽ اتي جي ٻولي گجراتي سکيو. سو دادا کي انهن ٻولين لاءِ ڪو کڻي ڪريڊٽ نه ڏئي پر دادا کي ”ڪوراسائو ٻيٽ“ جي مڪاني ٻولي پاپيامينتو (Papiamentu)، هسپانوي (Spainsh)، فرينچ ۽ ويندي ڊچ ڳالهائڻ لاءِ ضرور واهه واهه ڪرڻ گهرجي .... جن ٻولين کي سکڻ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي هوندي.
دادا کي چار پٽ آهن، وڏو رام جنهن کي مون دادا سان گڏ ڏٺو عمر ۾ بلڪل مون جيڏو آهي بلڪه ٻنهي جي ڄم جو سال ساڳيو 1944ع آهي. هندستان جي ورهاڱي تي، 1947ع ۾ دادا دولترام ٻارن سان گڏ پنهنجي اباڻي وطن حيدرآباد مان لڏي پوني پهتو ۽ اتي بزنيس سيٽ ڪيو. ٽن سالن بعد 1950 ۾ بولچند پيسورام نندواڻيءَ جي وفات تي دادا دولترام پنهنجن ٻارن کي پوني ۾ ڇڏي پاڻ ڪوراسائو (ڏکڻ آمريڪا) ۾ وڃي پيءُ جو بزنيس سنڀاليو. هيڏانهن پوني (انڊيا) ۾ دادا جي پُٽَ رام پوني جي ”هاءِ اسڪول سينٽ ونسينٽ“ مان 1960ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. انٽر بعد هن پوني جي ڪاليج آف انجنيئرنگ مان (65-1962ع ۾) اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ۾ B.E ڪئي ۽ ان بعد 1966ع ۾ هو پنهنجي پيءُ جي مدد لاءِ ڪوراسائو آيو جتي 1968ع ۾ اسانجو جهاز پهتو هو ۽ اسان سندن ان پهرين دڪان اورينٽل آرٽ پئلس جيڪو هيرين اسٽريٽ جي پلاٽ نمبر 10 تي هو، خريداري ڪئي هئي. جنهن کي ٻئي سال 1969ع ۾ شهر جي غنڊن ساڙي رک ڪري ڇڏيو. ان بعد دادا دولترام هڪ ٽماڙ نئون اسٽور به ان ئي روڊ تي کوليو پر ٿورو اڳيان پلاٽ نمبر 4B تي. دادا پهرين پاڻ ۽ هاڻ سندس پُٽ رام هن ڪوراسائي ٻيٽ تي انڊيا طرفان انڊيا جي قونصليٽ جو اعزازي قونصلر آهي.
رام کان علاوه دادا جي باقي ٽن پٽن جا نالا آهن لڇو، هريش ۽ ناري. هي سڀ ڪئريبين سمنڊ جي مختلف ٻيٽن تي ”بولچندس“ ڪمپنيءَ جي دڪانن جا مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهن ۽ هاڻ ته انهن جي اولاد جا به مختلف ملڪن ۾ عطر، جوتن، چمپلن، ڪمپيوٽرن ۽ ويندي جيولري (زيورن) جا دڪان آهن. مون جيڏي رام کي هڪ پٽ روي آهي. هريش کي ڪو پٽ ٻار نه آهي. ناريءَ کي ٻه پٽ: ڪرن ۽ نوين آهن. لڇوءَ کي هڪ پٽ آهي جنهن جو نالو ياد نه پيو اچيم.
دادا دولترام بابت مون آخري خبر 2013ع ۾ پڙهي هئي ته هن سينٽ مارٽن ٻيٽ واري “Boolchand” دڪان جي 50 هين سالگرهه ملهائي. اهو دڪان دادا ٻڌايو هو ته هن 1963ع ۾ کوليو هو. بهرحال ان بعد دادا جي خبر نه پيئي جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ٿي سگهي ٿو گذاري ويو هجي ۽ جي جيئرو هوندو ته 93 سالن جو هوندو. هن وقت هي مضمون فيئر ڪرڻ دوران رات مون رام کي ڪوراسائو (Curacao) فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جواب نه مليو. پوءِ اوچتو رام جي ننڍي ڀاءُ هريش جو خيال آيو - جيڪو سينٽ مارٽين ٻيٽ جي فلپسبرگ علائقي ۾ دادا جي ”بولچند“ نالي دڪان جو مئنيجر آهي. هي دڪان ڪئميرائن، ڪمپيوٽرن، اليڪٽرانڪ جي سامان، واچن ۽ ’پئنڊورا‘ ڪمپنيءَ جي زيورن کان مشهور آهي. هي دڪان هن ٻيٽ جي فرنٽ اسٽريٽ تي آهي ۽ ان ئي روڊ تي دادا جا ٻيا به ٻه دڪان آهن جن جو نالو بولچند بدران ڪروڪس “Crocs” ۽ ”پئنڊورا“ آهي. ڪروڪس پلاسٽڪ جي بوٽن ۽ چئپلن کان مشهور آهي ۽ پئنڊورا Pandora قيمتي جويلري کان جيڪا گهڻي ڀاڱي انڊيا مان ٺهي اچي ٿي. هونءَ دادا وارن جا ڪروڪس ۽ پئنڊورا نالي دڪان فلپسبرگ جي بندرگاهه واري علائقي ۾ به آهن جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ميٽرو، امتياز، باٽا، سروس جهڙين چين (Chain) ڪمپنين جا دڪان ڪيترائي آهن. مون مٿين دڪان جي نمبر 0071-721-542-2245 تي فون ڪيو. هن پاسي جي سڀني ٻيٽن جو آمريڪا ۽ ڪئناڊا وارو ڪوڊ 001 آهي. ان وقت اتي منجھند جا ٽي ٿيا هئا. يعني ان ڏينهن جا، جيڪو ڏينهن اسان وٽ گذري چڪو هو. هريش کان اهو معلوم ڪري ڏک ٿيو ته اسان جي پيءُ جي عمر جو اسانجو حيدرآباد جو سنڌي ”دولترام بولچند نندواڻي“ جنهن کي سڀ پيار مان ”دادا“ سڏيندا هئا، 18 آگسٽ 2015ع يعني گذريل سال هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪير هو؟ سنڌي هو، هندو هو، انڊين هو، سائوٿ آمريڪن هو، واپاري هو يا ڪجهه ٻيو؟ منهنجي نظرن ۾ هو هڪ پورهيت ۽ محنتي هو. هڪ نيڪ ۽ نهٺائيءَ وارو انسان هو. هن نه فقط پنهنجي خاندان کي ٺاهي ڇڏيو پر سوين هزارين بيروزگار هم وطنين ۽ سائوٿ آمريڪن کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو. هونءَ ته اسان سنڌين لاءِ اهو ٻڌبو آهي ته ڀر واري ڳوٺ ۾ به وڃڻ نٿا چاهيون پر هي ڪهڙو سنڌي هو جنهن جو نالو ڪئريبين سمنڊ جي تقريبن هر ٻيٽ جي خوبصورت دڪان (ڊپارٽمينٽل اسٽور) ٻاهرن “Boolchands” لکيل نظر اچي ٿو.
هريش ٻڌايو ته ”دادا جي چتا کي هندو رسمن مطابق ڪوراسائو ٻيٽ جي Brievengat علائقي ۾ هندن جي مندر ڀرسان Crefona Crematorium شمشان گھاٽ ۾ ساڙيو ويو.“
دادا جي ٻين سٺين ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه به واکاڻ جوڳي آهي ته هن سڄي عمر ڪنهن کان وٺڻ بدران غريب غربن، شاگردن، ضرورتمندن کي ڏنو ۽ ڏنو. هو وڏو Philanthropist هو ۽ سندس پٽن جي مونکي اها ڳالهه وڻي جيڪا هريـش ٻڌائي ته ”دادا“ جي ديهانت تي اسان يڪدم اعلان ڪيو ته دادا کي چاهڻ وارا مهرباني ڪري گل ڏيڻ بدران اها رقم خيرات جي دٻي (Donation Box) ۾ وجھن جيئن اهو پئسو هن ٻيٽ جي بي گهر ماڻهن جي رهائش ۽ صحت لاءِ ڪتب اچي سگهي. هي آخري سٽون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن اسان جا ماڻهو خاص ڪري پئسي وارا وزير، ڀوتار ۽ سياستدان جن جيئري ته پنهنجي ڳوٺ جي غريبن لاءِ ڪجهه نه ڪيو پر انهن جو اولاد انهن جي وفات تي انهن مٿان چڙهندڙ اجرڪن بدران ڪئش وٺي پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن مدرسي، مسجد، اسپتال کي ڏئي پنهنجن پيارن کي ثواب کٽرائين.
***