الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

چليءَ جا شهر پُنتا آريناس ۽ سانتياگو

ڪجهه به هجي ”پاناما ليڪس“ اسڪئنڊل ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي وچ آمريڪا جي هن ڏورانهين ملڪ پاناما جي ڄاڻ ٿي وئي. ٻيو نه ته ايترو ته هي ملڪ USA وٽ آهي. ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جو گذر سفر ملڪ مان لنگهندڙ پاناما ڪئنال جي ڪمائي ۽ آف شور ڪمپنين جهڙين ٺڳين تي هلي ٿو جن ۾ دنيا جا چور سياستدان، حاڪم، ڌاڙيل، ٺڳ واپاري قانوني يا غير قانوني طرح حاصل ڪيل پئسو لڳائي پنهنجي ملڪ کي ٽئڪس جو فائدو ڏيڻ کان گريز ڪن ٿا.
جيستائين پاناما ملڪ بابت معلومات جي ڳالهه آهي ته اهو ڪٿي آهي، اسان ان لاءِ اهو کڻي چئون ته ماڻهن کي ان جي ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن: نڪراگئا، ميڪسيڪو ۽ وينزوئلا جهڙن ملڪن جي به ڄاڻ هوندي .... ويندي مالي (Mali) جهڙي آفريڪا جي تاريخي ملڪ جي به خبر هوندي جنهن جي گاديءَ وارو شهر باماڪو ۽ ڪبارا بندرگاهه ڀرسان (8 ڪلوميٽرن جي فاصلي) واري شهر ٽمبڪٽو کان ته واقف هوندائي هوندا پر مالديپ ٻيٽن جي گادي واري شهر (ٻيٽ) مالي (Male) بابت به ڄاڻ کڻي هجي.... عام ماڻهن کي نه ته جاگرافيءَ جي شاگردن ۽ جهاز هلائڻ وارن کي ته ضرور ڄاڻ هوندي. پر هتي دنيا جي هڪ اهم ترين شهر ۽ بندرگاهه پنتا آريناس(Punta Arenas) جي ڳالهه ٿو ڪريان ته اڄ جي دؤر ۾ جڏهن ڪمپيوٽر، ٽي وي چئنلن ۽ انٽرنيٽ دنيا کي ملائي هڪ ڳوٺ بنائي ڇڏيو آهي اتي ڪيترا آهن جن کي اها ڄاڻ آهي ته دنيا جي گولي تي اهو ڪٿي آهي؟ آئون سمجھان ٿو ته ڪيترن ان خوبصورت شهر Punta Arenas جو نالو به نه ٻڌو هوندو جيڪو ڏکڻ طرف دنيا جي بلڪل ڇيڙي تي آهي جيئن اتر طرف فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي جي پوڇڙ وٽ مرمانسڪ يا هئمر فيسٽ بندرگاهه آهن. پر اهي ائين آهن جيئن گرميءَ جي موسم ۾ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد پاسي جا ويران ڳوٺ اوٻاوڙو يا مٺڙائو! ڏکڻ پاسي وارو پنتا اريناس ائين آهي جيئن رونق ڀريو جيسلمير يا بيڪانير. مون ڪيترن جهازن سان واسطو رکندڙ شاگردن کان به پڇيو هوندو پر شايد ئي ڪنهن ان بابت ٻڌو هوندو سواءِ چند انهن جي جن جو ٽئنڪر جهازن تي رهڻ ڪري برازيل يا ارجنٽائين جي ڇيڙي وارن بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيو هجي ۽ اتان هنن جو اوچتو پروگرام چلي ملڪ جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ ٿيو هجي ۽ هنن کي مجبورن پاناما ڪئنال مان ٽپي وڃڻ بدران مئگيلان واري ڳچي سمنڊ مان لنگهڻو پيو هجي. ان صورت ۾ ان جهاز جو نه فقط پُنتا اريناس بندرگاهه وٽان لنگهه ٿئي ٿو پر هن بندرگاهه ۾ لنگر به ڪيرائين ٿا جو ڊيوٽي فري هجڻ ڪري هر جهاز جو مالڪ چاهي ٿو ته هنن ڏاکئي سمنڊ (Cape of Horn) ۾ اچڻ جو جڏهن ڦاهو کاڌو ويو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن جي لاءِ اڳتي جي سفر لاءِ تيل پاڻي ۽ راشن وٺي ڇو نه پئسو بچائجي. هونءَ چلي ملڪ جي هن بندرگاهه پنتا اريناس ۾ ڪا رهائش يا کاڌو پيتو سستو نه آهي پر جهاز وارن کي هر شيءِ ڊيوٽي فري (ٽئڪس فري) ملي ٿي جيئن اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس يا سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ ان قسم جي سهولت رکي وئي آهي. اهو انڪري ته جيئن جهاز ان بندرگاهه ۾ اچن ۽ ان جا ماڻهو يا مسافر گهمڻ لاءِ جهاز ڇڏي هيٺ لهن ته انهن مان ڪمائي ٿي سگهي. هي سسٽم ائين آهي جيئن نوري آباد جهڙن بس اسٽاپن تي جتي ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، هر هوٽل وارو بس جي ڊرائيور ۽ ان جي ڪنڊڪٽر کي ماني مفت کارائي ٿو جيئن بس ڊرائيور ان هوٽل اڳيان اچي بس بيهاري ۽ سڀ مسافر ان هوٽل تان چانهه يا ماني کائي ان جي ڪمائي ڪن. اهو ڪم مون سعودي عرب جي شهر ينبو کان بس ۾ جدي ايندي به ڏٺو جتي رستي تي اسانجي ملڪ جي پٺاڻن ۽ پنجابين جون هوٽلون آهن.
بهرحال هي سڄو قصو بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته توهان کي محسوس ٿئي ته پنتا اريناس ڪو بئنڪاڪ يا دبئي ناهي جنهن کان اسان جو هر شوقين وڏيرو، سياستدان، ڪامورو ۽ عام مرد توڙي عورتون واقف هجن. پنتا اريناس هڪ بيحد ڏورانهون بندرگاهه آهي جنهن کان ان تر يعني ڪئناڊا، آمريڪا (USA) جا به گهڻا ماڻهو واقف نه آهن ۽ ڇا ته اتي جي ظالم موسم آهي جو اونهاري جي نومبر ۽ ڊسمبر جهڙن سخت گرم مهينن ۾ به ٿڌ جو پڌ چار کن ڊگريون رهي ٿو جيڪا اسان وٽ سکر، لاڙڪاڻي ۾ سياري ۾ ٿئي ٿو.
هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته دنيا جي مٿين اڌ گول يعني اتر اڌ گول ۾ جتي اسان رهون ٿا (يا روس، جپان، چين انگلنڊ جهڙا ملڪ آهن) جڏهن نومبر ۽ ڊسمبر جهڙن مهينن ۾ سيارو آهي ته دنيا جي هيٺين اڌ گول ۾ ان وقت اونهارو ٿئي ٿو.... يعني برازيل پيرو، زائر، تنزانيا، ڪانگو، آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي. پر اڃان گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ وڃبو يعني ڏکڻ آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ڏي ته اتي اونهاري جي انهن مهينن ۾ به ٿڌ رهي ٿي جو اهي علائقا ڏکڻ قطب جي ويجھو آهن ۽ هاڻ اندازو لڳايو ته چلي ملڪ جي پنتا اريناس ۾ ڇا سردي هوندي جيڪو نيوزيلئنڊ کان به گهڻو گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ آهي. ۽ ساڳي وقت جڏهن مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ وارا مهينا سان وٽ اونهارو آهي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ سيارو ٿئي ٿو ۽ پنتا اريناس جهڙي بندرگاهه ۾ ٿڌ جو پڌ منفي 20 کان 30 به ٿيو وڃي. هيءَ ٿڌ ريفريجريٽر جي مٿين فريزر واري خاني جي آهي جنهن ۾ مڇي يا گوشت به پٿر ٿيو وڃي. ان کان علاوه پنتا اريناس خط استوا کان ايترو ته پري آهي جو اونهاري ۾ رات ڪا ٻه ڪلاڪ به مس ٿئي ٿي ۽ سياري ۾ ايترو وقت ڏينهن ٿئي ٿو. جيئن هن سال (2016ع) ۾ جون ۾ رمضان ٿيڻ ڪري پُنتا اريناس جي مسلمانن ٻن ڪلاڪن جو روزو رکيو ۽ مٿي اتر اڌ گول ۾ ناروي، سئيڊن، اتر ڪئناڊا پاسي ڏينهن وڏو هجڻ ڪري 22 ڪلاڪن جو روزو ٿيو. هنن رات جو ڏهين يارهين بجي ڌاري روزو افطار ڪري ڪلاڪ ٻن بعد 2 بجي ڌاري سحري ڪئي.
بهرحال پنتا اريناس شهر بيحد ڏورانهون ۽ دنيا جي بلڪل ڇيڙي وارو شهر آهي جيئن سمجھو ته پاڪستان جيڪو مٿان چين ۽ افغانستان کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ۾ آخري شهر ڪراچيءَ تائين آهي. ۽ ڪراچيءَ جو به آخر وارو ڇيڙو ڏسجي ته ڪياماڙي آهي. سو چلي ملڪ جو هي شهر پنتا اريناس نه فقط چلي ملڪ جي پر دنيا جي ڏکڻ اڌ گول جي ڪياماڙي آهي.
چليءَ جي نقشي تي جي نظر وجھندائو ته دنيا ۾ هي هڪ عجيب ملڪ آهي جيڪو ويڪر ۾ ته ڪجهه ناهي ڊيگهه ۾ ائين آهي جهڙي ڊگهي لٺ. اهڙن ملڪن ۾ انتظاميا ۽ ان جي عوام لاءِ جيڪي مسئلا ٿين ٿا ان جو احساس اسان کي سئيڊن ۾ تعليم دوران ٿيو. سئيڊن ۽ ناروي به چڱا خاصا ڊگها ملڪ آهن جن جي ڏکڻ کان اتر تائين ڊيگهه 1580 ڪلوميٽر آهي. اسان جي يونيورسٽي سئيڊن جي بلڪل ڏاکڻي ڇيڙي تي مالمو شهر ۾ هئي جيئن ڪراچي پاڪستان جو ڏاکڻي ڇيڙي وارو شهر آهي. اهو به شڪر جو سئيدن جي گاديءَ وارو شهر اسٽاڪهوم پاڪستان جي اسلام آباد وانگر گهڻو اتر ۾ ناهي. تقريبن وچ ۾ 620 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. سئيڊن ۾ بسين يا ريل گاڏين جو وڏو ڀاڙو هجڻ ڪري اسان کي پنهنجو پاسپورٽ renew ڪرائڻ جهڙن ڪمن لاءِ اهو سفر به مهانگو پيو ٿي ۽ ائين ته ٿي نٿو سگهي ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ اسانجي ايمبسي ڪم جو جلد اڪلاء ڪري. اسٽاڪهوم ۾ پنهنجي خرچ تي هڪ يا ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو به وڏو خرچ ٿو ٿئي جو سئيدن تمام مهانگو ملڪ آهي. بهرحال اهو به سٺو جو اسان واري شهر مالمو (جيڪو ڪراچي يا ڪياماڙيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي) کان سڏ پنڌ تي ڊئنمارڪ جو بندرگاهه ۽ گاديءَ وارو شهر ڪوپن هيگن آهي (جيئن ڪراچيءَ کان منهوڙو آهي). سو اسان فيري (موٽر بوٽ، لانچ) ۾ چڙهي ڪوپن هيگن جي پاڪسيتان ايمبسي ۾ پنهنجو پاسپورٽ ڏئي اڌ مُني ڪلاڪ بعد موٽي ايندا هئاسين ۽ پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد کڻي ايندا هئاسين. هاڻ ته فيري ذريعي وڃڻ جي به ضرورت ناهي جو مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ واري سمنڊ مٿان پل ٺهي وئي آهي. بهرحال منهنجو مطلب آهي ته ڊگهن ملڪن ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ جو مسئلو رهي ٿو. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين به ايترو ئي مفاصلو آهي جيترو مالمو کان اسٽاڪهوم ـــ يعني 620 ڪلوميٽر. ڪنهن ڪراچيءَ جي رهاڪوءَ جي جيڪب آباد يا ڪشمور بدلي ٿي ٿئي ته دانهون ٿو ڪري ته موڪلن ۾ گهر ايندي منهنجو اڌ ڏينهن سفر ۾ ٿو گذري. اها ئي شڪايت اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ ڪن ٿا. ڪراچي کان اسلام آباد باءِ ايئر 1468 ڪلوميٽر آهي ۽ سڀ ته وڏين نوڪرين وارا آفيسر ناهن. غريب ماڻهو بس يا ٽرين رستي سفر ڪن ٿا جيڪو 1800 کن ڪلوميٽر ٿيو وڃي ۽ سندن ڏينهن ٻه سفر ۾ گذريو وڃي ۽ ڀاڙا الڳ. اسان جي ملڪ ۾ گهٽ ڀاڙا آهن ته به ڪمائيءَ جي حساب سان ته تمام وڏا آهن. اسان وٽ ايشيا جي ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جي پڇڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۽ ڀرپاسي وارن کي گهڻي تڪليف رسي ٿي جڏهن هو 2800 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري سندن گادي واري شهر دهلي ۾ پهچن ٿا.
چلي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جيڏو ملڪ آهي بلڪه پاڪستان کان به ڪجهه ننڍو آهي، وڏو ناهي. ڇو جو پاڪستان جي ايراضي اٺ لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ چليءَ جي ساڍا ست لک چورس ڪلوميٽر. پر ڏسڻ ۾ چلي تمام وڏو ملڪ لڳي ٿو جو پاڪستان ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر جيڪڏهن اتر ۽ ڏکڻ طرف ڊگهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه طرف ويڪرو به آهي. ناروي ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ کڻي گهڻو ڊگها لڳن ٿا پر اهي به چليءَ جي مقابلي ۾ اهڙا اڀ ڪاٺيءَ جهڙا نه آهن. ناروي ۽ سئيڊن جي ويڪر به ڪافي آهي. پر چلي هڪ نانگ وانگر لڳي ٿو جيڪو ارجنٽائنا ۽ بوليويا جهڙي وڻ سان پاڙن کان مٿي تائين چهٽو پيو آهي. چلي ڊيگهه ۾ ـــ يعني اتر کان ڏکڻ تائين 4300 ڪلوميٽر آهي پر ويڪر ۾ ڪٿي ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر آهي ته ڪٿي ٻه سؤ. ڪن هنڌن تي سندس وڌ ۾ وڌ ويڪر 350 ڪلوميٽر آهي. اهو به سٺو جو سندس گاديءَ وارو شهر سنتياگو وچ تي آهي جيئن پنتا اريناس ڏکڻ ۾ آهي، کان 2200 ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿئي ٿو.
چليءَ جي اتر واري علائقي ۾ بيابان ۽ رڻ پٽ آهن ۽ ڏاکڻي حصي ۾ سخت سيءُ آهي ۽ ملڪ جو ٽيون حصو يعني اوڀر ۾ بارڊر واري سڄي پٽي جبل ئي جبل آهن جن کي Andes سڏجي ٿو. انهن جي پٺيان ارجنٽائنا ۽ بوليويا ملڪ آهن. چلي جو اولهه وارو سڄو حصو پئسفڪ سمنڊ کي ڇهي ٿو ۽ مٿان کان هيٺ تائين انيڪ ننڍا وڏا بندرگاهه آهن. بهرحال چليءَ ۾ رهڻ کان هرڪو ڪيٻائي ٿو ۽ اسان جي ملڪ جيڏي پکيڙ هوندي به آدمشماري ٻن ڪروڙن کان به گهٽ اٿس آمريڪا کنڊ جي ڳولا کان اڳ چليءَ ۾ مڪاني ريڊ انڊين جي سلطنت هئي جيڪي Incas سڏجن ٿا. ڪولمبس 1492 ۾ آمريڪا کنڊ تي پهچڻ جو رستو ڳولي لڌو جنهن بعد يورپي قومن ـــ خاص طرح اسپيني ۽ پورچوگالين جي ڦرلٽ لاءِ هن پاسي ڊوڙ شروع ٿي وئي. سن 1541 ۾ پيڊرو ڊي ول ديويا (Pedro de Valdivia) سنتياگو ڳولي لڌو ۽ ٻن دفعن جي ناڪاميءَ بعد ٽئين دفعي مقامي ماڻهن مٿان قبضو ڪري ويو. پاڻ اسپين طرفان گورنر ٿي رهيو ۽ ٽن صدين بعد 1818 ۾ چليءَ کي اسپين طرفان خودمختياري ملي.
چليءَ جي کاڻين ۾ 2010 ۾ سرنگهه ڊهڻ جو مشهور حادثو ٿيو هو جنهن ڪري کوٽائي وارا 33 همراه ان ۾ دٻجي ويا هئا. هونءَ ته جيڏو وڏو حادثو ٿيو هو، هڪ جي به بچڻ جي اميد نه هئي پر ملڪ جو وزير اعظم ۽ اعليٰ آفيسر ان هنڌ ڪئمپ هڻي ويهي رهيا. اتي جي انجنيئرن دماغ هلائي ان کاڻ ڏي هيٺ سوراخ ڊرل ڪيو جنهن ذريعي هيٺ ڦاٿل ماڻهن کي هوا، کاڌو پيتو ۽ ٽارچون مهيا ڪندا رهيا. ايتري قدر جو کين سندن دوستن ۽ مائٽن جا خط به پهچائيندا رهيا ته جيئن هنن کي دلجاءِ رهي. تيسين مٿان کوٽائي ڪندا رهيا ۽ ٻه مهينا ڏهه ڏينهن جي کوٽائيءَ بعد هڪ هڪ ڪري سڀني کي ڪڍيو ويو. سڀ صحيح سلامت نڪتا ۽ سڀني کي قومي هيرو جو درجو ڏنو ويو. دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ماڻهن مڃيو ته ان ۾ ملڪ جي صدر/ وزيراعظم کي به ڪريڊٽ ڏيڻ کپي جيڪو گهر ٻار ڇڏي اچي سائيٽ واري هنڌ تي ويهي رهيو ۽ واقعي ملڪ جا اعليٰ حاڪم ائين قرباني نه ڏين ها ته ڪو به دل سان ڪم نه ڪري ها ۽ جانيون بچي نه سگهن ها. اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ڪو وڏو حادثو ٿئي ٿو.... زلزلو اچي ٿو، اسڪول جي ٻه سؤ کان مٿي ٻارن کي ماريو وڃي ٿو، وغيره ۽ جڏهن ملڪ جو حاڪم ههڙي حادثي تي يڪدم پهچي ڪو تدارڪ ڪرڻ بدران هو ولايت جا سئر ڪندو رهي ٿو ته هر هڪ چلي ملڪ جو اهو مٿيون حادثو Quote ڪري ٿو ته آخر اهي به ملڪ آهن جن جي حاڪمن کي پنهنجي عوام لاءِ ڪيڏو خيال آهي.
چليءَ جي گاديءَ جو شهر سانتياگو آهي. مونکي ملائيشيا وارن جو جهاز سروي ڪرائڻ لاءِ باءِ ايئر سانتياگو اچڻو پيو هو جتان ٻن ڏينهن بعد پنتا اريناس وڃڻو پيو جتي جهاز ترسيل هو جنهن کي سروي ۽ ڪجهه حادثاتي مرمت بعد پئسفڪ سمنڊ لتاڙي هونو لولو (USA) وٽان ٿيندو يوڪوهاما (جپان) ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ وڃڻو هو جنهن بعد جپان ۽ ڪوريا جي ڪجهه بندرگاهن مان ڪارگو کڻي پنهنجي هوم پورٽ پينانگ (ملائيشيا) پهچڻو هو.
سانتياگو ائين سمجھو ته چلي ملڪ جي ڊگهي پٽيءَ جي وچ تي ساحل سمنڊ کان 520 ميٽر يعني 1700 فٽن جي بلنديءَ تي آهي. گهڻو گهڻو پوءِ انڊيا جي شهر پوني ويندي رستي تي لوناوالا ۽ کنڊالا ۾ ترسندي سانتياگو ياد اچي ويو. بلڪل اهڙي موسم ۽ اهڙو ماحول هو. شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان هڪ طرف جبل ته ٻئي پاسي کان سمنڊ (پئسفڪ) نظر آيو ٿي. کنڊالا توڙي پوني ۾ چليءَ جهڙا ڪنهن ڪنهن هنڌ تي جبل ضرور نظر اچن ٿا پر عربي سمنڊ ڪافي پري ممبئيءَ ۾ ڇڏي آيس ان کان علاوه ٻيو فرق آدمشماريءَ جو آهي. ڪراچي، حيدرآباد يا ويندي سکر، لاڙڪاڻي وانگر پوني ۾ به عوام ڄڻ شهر جا بخا کولي ٿو نڪري پر سانتياگو ۾ چليءَ جي سڀني شهرن کان گهڻي آدمشماري هجڻ جي باوجود محسوس ئي نٿو ٿئي. ڪن ڪن علائقن ۾ ته ڄڻ راڪاس سونگهي ويو هجي. بهرحال پکيڙ ۾ ڪراچيءَ کان وڏو شهر هجڻ جي باوجود آدمشماري ڪراچيءَ جي چوٿين حصي جيتري مس اٿس يعني 60 لک آهي. ڪراچيءَ جي وچ مان ته ڪو درياهه نٿو وهي پر پوني شهر جي وچ مان وهندڙ مُٺا (Mutha) ۽ مُولا (Mula) نديون سانتياگو شهر جي وچ مان تيز رفتاريءَ سان وهندڙ ماپوچو (Mapocho) نديءَ جي ضرور ياد ڏيارينديون هيون جن جي ٻنهي ڪپرن تي ڇا ته وڻ وڻڪار ۽ گل گلڪاريون هيون.
سانتياگو جي جنهن هوٽل ۾ منهنجي رهائش هئي ۽ ”چيڪ ان“ لاءِ ان جي رسيپشن لابيءَ ۾ اچي ويٺس اتي منهنجي ملاقات هڪ سک ”سوران سنگهه“ (Swarn Singh Kahlon) سان ٿي. هو ڪجهه ڏينهن هن شهر ۾ رهي هاڻ برازيل وڃي رهيو هو. هن کي ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو انتظار هو. هو هن ملڪ (چلي) جي اتراهين شهر عقيق(Iquique) ۾ پڻ هفتو کن رهي آيو هو. مونکي صلاح ڏنائين ته جيئن ته مونکي چليءَ جي ويزا آهي ته پوءِ هن ملڪ جو اهو اتراهون شهر به ضرور گهمندو وڃان جنهن ۾ ۽ چليءَ جي ڏاکڻي شهر پُنتا اريناس جي ماڻهن ۽ ڪلچر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. آئون پنهنجي منهن کلندو رهيس ته هي شايد مونکي سيٺ يا جهازن جو مالڪ ٿو سمجھي. پنتا اريناس ان ڪري پيو وڃان جو ڪمپنيءَ جو ڪم آهي جنهن لاءِ هنن ٽڪيٽ ۽ رهائش جو خرچ ڏنو آهي. اڃان به ملائيشيا جي ”جوهور بارو“ شهر ۾ هجان ۽ ڪو سنگاپور وڃڻ جي صلاح ڏئي ته پوءِ خوشيءَ سان هليو وڃان جو جوهور بارو ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط سمنڊ جي پٽي آهي جنهن مٿان ٺهيل ڪازي وي (پل) کي ٽپڻ لاءِ بس واري کي پنهنجي کيسي مان ڏيڍ ڊالر ڏئي وڃي سگهجي ٿو يا ڪوپن هيگن شهر کان مالمو به پنهنجي خرچ تي وڃي سگهجي ٿو جو اهي بندرگاهه جيتوڻيڪ مختلف ملڪن جا آهن پر سندن جاگرافيائي پوزيشن يعني سندن بيهڪ ۽ وچ ۾ فاصلو دادو ۽ موري کان به گهٽ .... حيدرآباد کان ڪوٽڙي جيترو آهي. پر چلي جو هي اتراهون شهر عقيق هن شهر سانتياگو کان ايترو ئي پري آهي جيترو سانتياگو کان ڏکڻ ۾ ڇيڙي وارو شهر پنتا اريناس. سو هتان پنهنجي خرچ تي عقيق وڃي پوءِ پُنتا اريناس وڃان ان کان ڇو نه موڪلن ۾ ڪراچيءَ کان تهران وڃان، ان بعد ڪراچي کان ممبئي ۽ ان بعد ڪراچي کان بئنڪاڪ وڃان ته به ڀاڙو گهٽ اچي. چلي جي شهر عقيق کان پنتا اريناس 4200 ڪلوميٽر آهي. اهو فاصلو جرمنيءَ کان نائيجيريا تائين آهي. يعني جرمني کان نڪرجي ته جرمني بعد آسٽريا، ان بعد اٽلي لتاڙي، ان بعد ميڊيٽرينين سمنڊ ڪراس ڪري پوءِ ٽيونيشيا ۽ الجيريا لتاڙڻ بعد نائيجر ملڪ لنگهي نائيجيريا پهچجي. يا کڻي چئجي ته اهو فاصلو لنڊن مان نڪرجي ته فرانس ۽ اسپين جا ملڪ لتاڙي، ميڊيٽرينين سمنڊ ٽپي آفريڪا جا ملڪ موراڪو، آلجيريا ۽ مالي لتاڙي برڪانو فاسو ملڪ تائين پهچجي ته ان جيترو ٿيندو!
سردار سوران سنگهه ٻڌايو ته هو سکن بابت ڪتاب لکي رهيو آهي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. پاڻ مونکان ڏهه سال کن وڏو هو ۽ هن وقت 82 سالن جو هوندو. پاڻ آمريڪا جي پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ۾ M.Sc ۽ ڪم جو تجربو حاصل ڪرڻ بعد 1962 ۾ انڊيا اچي انگلنڊ جي ICI (امپيريل ڪيميڪل انڊسٽريز) ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هڪ ٻي ڪمپنيءَ ۾ CEO جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ هن 1993ع کان پنهنجي حصيداري به رکي. اڄ ڪلهه ان ڪاروبار کي سندس پٽ گرتاج سنگهه ممبئي مان هلائي ٿو.
سوران سنگهه ٻڌايو ته فقط ڪجهه سال اڳ، 45 سالن جي غير حاضري بعد، پاڻ ۽ سندس زال لِوِلِين پنهنجي اباڻي شهر چندي ڳڙهه اچي رهائش اختيار ڪئي آهي. سندن ڌيءَ مِنيءَ آمريڪا مان ”نيورو سائنس“ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي ۽ سئن فرانسسڪو ۾ رهي ٿي. سندس زال ممبئي ۽ ڪلڪتي ۾ پڙهائيندي رهي. سندس آخري نوڪري ”آمريڪن اسڪول بامبي“ ۾ هئي. سوران سنگهه کي گولف کيڏڻ کان علاوه دنيا گهمڻ جو شوق آهي. هينئر به هو سکن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ارجنٽائين، بوليويا ۽ پيرو مان ٿيندو آيو آهي ۽ هاڻ برازيل روانو ٿي رهيو آهي.
برازيل اهو ملڪ آهي جنهن ۾ جپان بعد سڀ کان گهڻا جپاني رهن ٿا. هو اڄ کان سؤ ڏيڍ سؤ سال اڳ پاڻيءَ جا جهاز ڀري هتي اچي رهيا هئا. هونءَ به پئسفڪ سمنڊ کان ته هنن لاءِ برازيل سامهون جو ئي ملڪ ٿيو.
چليءَ جي سانتياگو ۽ پُنتا اريناس شهرن جي گهٽ آدمشماري ڏسي دل ۾ ائين ئي ڀٽڪندڙ خيال آيو ٿي ته جڏهن جپان جا ماڻهو روزگار ۽ ڪشادي رهائش خاطر جپان ڇڏي برازيل کان اچي نڪتا ته جيڪر ان دؤر ۾ (جڏهن نه پاسپورٽن جا خفا هئا ۽ نه ويزائن جو فئشن) جيڪڏهن ننڍي کنڊ جا به ڪجهه ماڻهو اچي چلي، بوليويا ۽ ارجنٽائين جهڙا ملڪ وسائين ها.